روزانه ڪاوش

مقتولن جي ڌر مائٽن سان زميني تڪرار بعد لڏي اچي مٽياري ويٺي هئي

مٽياري: مقتول شمن ۽ امام علي توڙي جوابدار ڄاڻايل ماڻهو سڀئي ميرو خان جا رهواسي آهن، معلوم ٿيو آهي ته  ٻنهي ڌرين ۾ 15 سالن کان لاڙڪاڻي ۾ اڇي مسجد جي ديهه آريجا  ۾ 25  ايڪڙ زرعي زمين تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن ۾ اڳ ئي هڪ ڄڻو بگن پٽ صوڀو قتل ٿي چڪو هو، مقتول شمن ۽ امام علي وارا انهي خوني جهيڙي  سبب اباڻو شهر ڇڏي  مٽياري ۾ لڏي آيا هئا، جتي انهن ڳوٺ لونگ جسڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر پوءِ به جوابدارن کين ڳولا ڪري  اچي ماريو.