سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

حيدرآباد:اي ڊي او پاران بئنڪ وٽ گروي پيل پاس بڪ رد

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جي اي ڊي او روينيو بئنڪ ۾ قرض جي مد ۾ گروي پيل پاس بڪ کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف متاثر کاتيدار وڪيو پرهياڙ ميمبر بورڊ آف روينيو  وٽ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي ڳوٺ ناريجاڻي جو رهواسي وڪيو پرهياڙ ”ڪاوش“ آڏو دانهيندي الزام هنيو ته سندس ٻه ايڪڙ 19 گهنٽا زمين جو بااثر شخص غير قانوني طريقي سان کاتو پنهنجي نالي تي ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن عمل خلاف حيدرآباد جي سول ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي، جنهن ۾ اي ڊي او روينيو حيدرآباد پڻ ڌر ڄاڻايل آهي، هن چيو ته ڄاڻايل زمين تي زرعي بئنڪ مان قرض وٺڻ سبب زمين جو پاس بڪ بئنڪ ۾ گروي پيل آهي، جڏهن ته کاتا تبديل ڪرڻ وارو معاملو عدالت ۾ هئڻ باوجود 9 جولاءِ 2008ع تي اي ڊي او روينيو پاس بڪ کي رد ڪري ڇڏيو، هن الزام هنيو ته بااثر سياسي شخصيت جي درخواست تي اي ڊي او روينيو منهنجو موقف ٻڌڻ کانسواءِ هڪ طرفو فيصلو ڪندي پاس بڪ رد ڪيو آهي، هن اي ڊي او جي فيصلي خلاف بورڊ آف روينيو جي ميمبر وٽ اپيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هن اعلى اختيارين کان پاس بڪ رد ڪرڻ واي عمل جي جاچ ڪرائي اي ڊي او خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي گهرت ڪئي.