|
ڀٽ شاهه گونگي مامرو:سجاد شاهه
جي ڊي اين اي ڪرائڻ جو اعلان
حيدرآباد
(رپورٽ: ستار ملڪ) ڀٽ شاهه ۾ 2 سال اڳ لڄالٽ جو شڪار گونگي
ناري عائشه واري مامري جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ
الله عباسي الزام هيٺ آيل سيد سجاد شاهه جي ڊي اين اي ٽيسٽ
ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ثابتي ملڻ تي جوابدار کي گونگي ناري
جي مالڪي لاءِ پابند ڪيو ويندو، رپورٽن موجب ڀٽ شاهه ۾ 2 سال
اڳ لڄالٽ جو شڪار گونگي ناري عائشه عرف عاشي حيدرآباد جي
دارالامان مان منتقل ٿي جسٽس (ر) ناصر اسلم زاهد جي سربراهي ۾
هلندڙ شيلٽر هائوس ۾ ترسيل آهي، جڏهن ته انساني حقن لاءِ
جاکوڙيندڙ مختلف ڌريون به انهي معاملي تي خاموش آهن، ٻئي طرف
ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي الزام هيٺ آيل سيد سجاد
شاهه جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ هڪ
سماجي تنظيم جي اڳواڻ زاهده ڏيٿو ڪالهه ڊي آءِ جي حيدرآباد سان
ملاقات ڪري ڪيس ۾ اڳڀرائي جو مطالبو ڪيو، جنهن بعد ڊي آءِ جي
حيدرآباد گونگي ناري عائشه جو ڪيس گهرائي ورتو آهي، ان ڏس ۾
ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي آءِ جي ٻڌايو ته گونگي ناري جي ڪيس
۾ هر طرح جو سهڪار ڪبو، هن چيو ته لڄالٽ واقعي ۾ جيڪو به ملوث
آهي ان کي متاثر ناري جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن الزام هيٺ
آيل جوابدار لڄالٽ ۾ ملوث آهي ته سندس ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي
ثابت ٿيڻ تي کيس گونگي جي مالڪي لاءِ چيو ويندو ۽ کيس شادي لاءِ
به پابند بڻايو ويندو، هن چيو ته هڪ ڏينهن اندر پوليس سندس ڊي
اين اي ٽيسٽ ڪرائيندي.
|