روزانه ڪاوش

خانگي ڪمپني جي مقرر گارڊن وٽ ناڪاره هٿيار هئا:ڊي آءِ جي

حيدرآباد: ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بئنڪ جي ڪيش وين مان ڦر واري واقعي جي جاچ لاءِ سي آءِ اي جي هڪ خاص ٽيم سوڌو 3 جاچ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي واقعي بابت جاچ سان گڏوگڏ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون ڪنديون، ڊي آءِ جي موجب ڦر جي ان وڏي واردات بابت جاچ لاءِ پوليس پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپني جي 3 سيڪيورٽي گارڊن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن کان واردات بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ڊي پي او حيدرآباد نجف علي مرزا واردات واري هنڌ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بئنڪ جي ڪيش وين مان ڏيڍ ڪروڙ رپين جي ڦر ۾ پوليس جي ڪا به غفلت يا نااهلي شامل ناهي ۽ اها مڪمل طور تي پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپني جي نااهلي آهي، جن جي گارڊن وٽ ناڪاره هٿيار هئا، جيڪي واردات وقت نه هلي سگهيا ۽ نه ئي پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊن جوڳي مزاحمت ڪئي، جيڪا هنن کي ڪرڻ کپندي هئي ۽ اسان ان سلسلي ۾ پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپني ايس ايم ايس بابت به ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڏني آهي ۽ واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ڊي پي او چيو ته واردات ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.