روزانه ڪاوش

ٽنڊي باگي مان قيدي سپاهي کي چڪ هڻي هٿڪڙين سميت فرار

ٽنڊوباگو(ن ڪ) ٽنڊي باگي جي سول ڪورٽ جي احاطي ۾ ڪالهه ڊسٽرڪٽ  جيل بدين کان ڪيس جي پيشي تي آندل قيدي مرچو شيدي پوليس جي سپاهي کي ٻانهن ۾ چڪ هڻي پاڻ ڇڏائي هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو ۽ هن ٽنڊي باگي شهر ڀرسان مڱرين جي ڳوٺ لڳ پوکيل ڪمند جي فصل ۾ لڪي پناهه ورتي، پوليس اٽالي پيڇو ڪندي ڪمند جي فصل کي 6 ڪلاڪن تائين گهيرو ڪري فرار ٿيل قيدي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو، ڄاڻايل قيدي ٽنڊي باگي شهر جو رهواسي آهي.