روزانه ڪاوش

رستم لڳ پراڻي تڪرار تان پوليس انسپيڪٽر جي ڀائٽين هٿان نينگري ۽ 2 عورتون يرغمال، تشدد، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا

لکي غلام شاهه (رپورٽ: عبدالرزاق بروهي) رستم لڳ ٻورڙي ڳوٺ ۾ پوليس انسپيڪٽر جي ڀائٽين پراڻي تڪرار تان هڪ نينگري ۽ 2 عورتن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، تشدد بعد ٻن عورتن جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، رپورٽ موجب رستم ٿاڻي جي حد ٻورڙي ڳوٺ ۾ سب انسپيڪٽر  غلام مصطفيٰ سيٺار جي ڀائٽين حاڪم علي سيٺار، نياز احمد سيٺار ۽ عبدالستار سيٺار ساٿين جي مدد سان شهزادو سيٺار جي ٻن ننهرن ۽ هڪ پوٽي 12 ورهين جي حميرا ڌيءُ غلام سرور، فاطمه زال غلام سرور ۽ حاڪم زادي زال دلدار کي ٻن ڪلاڪن تائين اوطاق ۾ يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ بعد شهزادو سيٺار جي ٻن ننهرن کي آزاد ڪيو ويو، جنهن جا ڪپڙا پڻ ڦاڙيا ويا ۽ 12 ورهين جي نينگري يرغمال بڻيل هئي، تشدد جو شڪار عورتون جڏهن گهر پهتيون ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ۽ هوائي فائرنگ شروع ٿي وئي، اطلاع تي رستم پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي ۽ گاڏين ۾ سوار ٿي ڊي پي او شڪارپور وٽ دانهڻ لاءِ ويندڙ متاثر ڌر جي ماڻهن کي داٻا ڏئي واپس ڪري گهرن ۾ ويهاري ڇڏيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي، بعد جي اطلاعن موجب يرغمال بڻايل نينگري کي به آزاد ڪيو ويو، هوڏانهن يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ واري صورتحال جي خوف وچان فاطمه ۽ سندس ڌيءُ حميرا جي حالت خراب ٿي وئي ۽ سندس حواس خطا ٿي ويا، جن کي مقامي ڊاڪٽر وٽان علاج ڪرائي هوش ۾ آندو ويو، رستم پوليس جوابدار ڌر جي طرفدار بڻيل نظر آئي، ٻئي طرف شهزادو سيٺار رستم ٿاڻي تي 7 جوابدارن عبدالستار، نياز احمد، ممتاز علي، حاڪم علي، دين محمد، اصغر علي ۽ اڪبر سيٺار خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته ڪجهه وقت اڳ گهٽي مان لنگهندي سندس پٽ جو جوابدار ڌر جي عورت کي پاسو لڳي ويو هو، جنهن تان تڪرار ٿيو هو ۽ اسان ميڙ ڪري جوابدار ڌر کان معافي ورتي هئي ۽ معاملو ختم ٿي ويو هو پر ان باوجود جوابدارن سندس ٻن ننهرن ۽ پوٽي کي يرغمال بنائي تشدد ڪري سندن ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.