روزانه ڪاوش

لساني ٽولي کي اقتدار ۾ شامل ڪرڻ جا نتيجا سنڌ ڀوڳي رهي آهي:قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته لساني ٽولي کي اقتدار ۾ شريڪ ڪري پ پ سنگين غلطي ڪئي آهي، ان جا نتيجا نه صرف هو پاڻ پر  سنڌ به ڀوڳي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ترقي پسند هائوس تي وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ جو وزير اعلى ۽ پ پ جا وزير ڪراچي ۾ بيوس بڻيل آهن، هن چيو ته حالت اها آهي ته ڊائو يونيورسٽي جو وي سي وزير اعلى جي حڪمن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ سرڪار ۾ هوندي پ پ جا وزير ۽ ايم پي ايز مذمتي بيان جاري ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان لساني ٽولي کي اقتدار ۾ حصيدار بڻائڻ جا مخالف هئاسين ۽ جن خدشن توڙي نقصانن جو ذڪر ڪيو هوسين اڄ سڄي سنڌ جي ماڻهن سميت پ پ وارا به ان جو عملي مشاهدو ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ايس ٽي پي جي سينٽرل باڊي جو اجلاس اڄ ترقي پسند هائوس تي پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ سميت ملڪ جي سياسي صورتحال، پيٽرول، ڊيزل، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تي غور ڪري آئينده جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.