روزانه ڪاوش

پٿوري شهر ۾ حڪيم مشتاق شاهه پراسرار نموني قتل، ڪلينڪ  مان لاش هٿ

پٿورو (ن ڪ) پٿوري  شهر جو مشهور حڪيم سيد مشتاق حسين شاهه  پراسرار نموني قتل، سندس لاش ڪلينڪ مان هٿ آيو، حڪيم مشتاق  شاهه آچر جي ڏينهن  معمول مطابق  پنهنجي ڪلينڪ تي ويو جيڪو رات دير تائين   واپس گهر نه موٽيو ته وارثن  پاران  ڳولا ڪئي وئي ته سندس  تشدد ٿيل  لاش ان جي بند پيل  ڪلينڪ جي اندر هٿ آيو،  اهڙو  اطلاع ملڻ تي  سوين  ماڻهو  سندس گهر اڳيان گڏ ٿي ويا، پٿوري پوليس حڪيم مشتاق جو لاش  پوسٽ مارٽم  لاءِ  سرڪاري اسپتال آندو سندس جنازي نماز  اڄ  اڱاري ڏينهن ادا ڪئي ويندي، بعد ۾  گرهوڙ شريف  جي قبرستان ۾ دفنايو  ويندو.