سنڌ ۾ سرڪار راندين ۽ رانديگرن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو،ضلعي حڪومتن پاران رکيل 60 سيڪڙو فنڊ ليپس

حيدرآباد(رپورٽ:ستار ملڪ) سنڌ سرڪار جي عدم دلچسپيءَ ۽ محدود فنڊن سبب راندين کي هٿي  ملي ناهي  سگهي،راند روند جي سرگرمين لاءِ  جوڙيل ادارن جي نااهليءَ سبب اڪثر ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن جو ڪم رولڙي جو شڪار، ضلعي حڪومتن پاران مختص ڪيل بجيٽن  مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رقمون ليپس ٿي ويون، اسپورٽس ڪامپليڪسن ۾ ويراني ڇانيل، راندين سان چاهه رکندڙ نوجوان  ڪلراٺي زمينن، گهٽين،روڊن ۽ رستن تي کيڏڻ تي مجبور، پرڳڻي جا هزارين  نوجوان  بيشمار صلاحيتن باوجود مڃتا ماڻي نه سگهيا.ان ڏس ۾ ”ڪاوش“  پاران  بجيٽ جي حوالي سان راندين بابت ورتل جائزي موجب سنڌ سرڪار مالي سال  08-2007ع جي 236 ارب 25 ڪروڙن واري بجيٽ مان  صحتمند معاشري جي علامت راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صرف ڏيڍ ڪروڙ  رقم مختص ڪئي. مليل ڄاڻ موجب اها  راندين بابت قائم ڪيل ادارن جي ملازمن کي پگهارن جي  ادائيگي  سميت راندين کي هٿي وٺرائڻ  تي  خرچ ٿي وئي، محدود فنڊن سبب پرڳڻي ۾راند روند جون  سرگرميون نالي ماتر رهيون، حيدرآباد، سکر ۽ ڪراچي  کانسواءِ ٻين ضلعن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سرگرمي ٿي، ڄاڻ موجب ضلعي حڪومتون پڻ راندين لاءِ  ڌار بجيٽ مختص ڪن ٿيون، جنهن مان  ضلعي سطح تي ايونٽ ڪرايا وڃن ٿا، ضلعي حڪومتن پاران پڻ محدود فنڊ رکيا ويا، جيڪي پڻ  60 سيڪڙو ليپس ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. حاصل ڪيل  ڄاڻ موجب حيدرآباد  ضلعي حڪومت 37 لک رپيا مختص ڪيا، جنهن مان 18 لک خرچ ٿيا، جڏهن ته مئي-جون جي خرچ کانپوءِ باقي رقم ليپس ٿي ويندي، ميرپورخاص ضلعي  حڪومت راندين لاءِ ٽڪو به نه ڏنو، جنهن ڪري سرڪاري طور ضلعي ۾ راندين جون سرگرميون ٺپ رهيون، بدين ۽ ٺٽي لاءِ 10-10 لک رپيا مختص ڪيا ويا، جنهن  مان صرف ساڍا 6  لک خرچ ٿي سگهيا، بقايا رقمون ليپس ٿي ويون. نوابشاهه ۾ 10 لک مختص ٿيا، جيڪي مختلف مدن ۾  خرچ ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ضلعي حڪومت  صرف 50 هزار رپيا مختص ڪيا، جنهن مان پڻ 20 هزار ليپس ٿيا، سکر ضلعي حڪومت 20 لک رپيا بجيٽ ايلوڪيٽ ڪري صرف 5 هزار رپيا جاري ڪيا، اهڙي صورتحال بابت سنڌ جي رانديگرن جو چوڻ هو ته اڪثر ضلعن ۾ محدود فنڊ هجڻ باوجود 60 سيڪڙو رقم ليپس ٿيڻ ڪامورن جي عدم دلچسپيءَ  جو  چٽو  ثبوت آهي. وفاقي سرڪار ٺٽي، بدين، سيوهڻ ۽ نوابشاهه ۾ گرائونڊ جي تعمير لاءِ ڪروڙين رپيا جاري ڪيا، ٻن سالن وارن منصوبن تي 3 سال گذرڻ  باوجود اڃا سوڌو ڪم هلندڙ آهي، اهي رٿائون مڪمل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن. پرڳڻي ۾ گرائونڊن جي کوٽ  ۽ راندين جي سرڪاري سطح تي سرپرستي نه  ٿيڻ ڪري بيشمار صلاحيتون رکندڙ هزارين نوجوان مڃتا ماڻي نه سگهيا آهن، ملڪي توڙي عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ سنڌ جي  نمائندگي نه هئڻ برابر آهي،ڪرڪيٽ، فٽبال، هاڪي، اسڪوائش، بيڊمنٽن، شوٽنگ بال ۽ ٻين راندين سان جنون جي حد تائين  چاهه رکندڙ رانديگر لاڳيتو نظر انداز ٿيڻ ۽ موقعا فراهم نه ڪرڻ سبب مايوس ٿي ٻين ڪرتن سان لڳي ويا، جڏهن ته حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ،نوابشاهه ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل اسپورٽس ڪامپليڪسن ۾  فنڊن جي کوٽ سبب  ٽورنامينٽس نه ٿيڻ ڪري ويراني ڇانيل آهي، راندين سان چاهه رکندڙ رانديگر اهڙن اسٽيڊيمز ۽  اسپورٽس ڪامپيلڪسز هئڻ باوجود شهرن جي گهٽين، روڊن ۽ رستن  تي راند کيڏڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته  ٻهراڙي ۾ نوجوان ڪلراٺي زمينن ۽ خالي پٽن تي راند کيڏين ٿا.راندين بابت جوڙيل مختلف  ادارا خاص طور تي  سنڌ اسپورٽس بورڊ راندين لاءِ ڪا به جامع پاليسي نه جوڙي سگهيو آهي، جنهن سان سالن کان نظرانداز ڪيل سنڌي رانديگرن جي همت افزائي ٿي سگهي يا  ملڪي ۽ عالمي  سطح تي مقابلا ڪري پنهنجا جوهر ڏيکاري مڃتا ماڻي سگهن.

پي سي بي ڪروڙن جون رٿائون شروع ڪرڻ باوجود سنڌي رانديگرن لاءِ در نه کوليا

حيدرآباد: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو بڻجي پنهنجون صلاحيتون مڃرائڻ سنڌي نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ اڃا سوڌو خواب بڻيل آهي، پرڳڻي ۾ سنڌي ڪرڪيٽرن کي نظرانداز ڪرڻ باوجود پي سي بي  ڪروڙين رپين جا منصوبا شروع ڪري ڇڏيا، حيدرآباد، سانگهڙ، دادو، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊن جي تعمير جو سلسلو  شروع ڪيو ويو.ان  ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين سنڌي ڪرڪيٽرن کي نظرانداز ڪرڻ واري  پاليسي ترڪ نه ڪئي آهي، عالمي ميچ ته ٺهيو پر  ملڪي سطح جي ٽورنامينٽس ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ رانديگرن سان ٻه اکيائيءَ  وارو رويو برقرار آهي.قومي ڪرڪيٽ  ٽيم جو حصو بڻجي پنهنجا جوهر ڏيکاري پاڻ مڃرائڻ سنڌي ڪرڪيٽرن لاءِ خواب بڻيل آهي. پي سي بي پاران ڪروڙين رپين جي لاڳت سان گرائونڊ تعمير ڪرائڻ باوجود سنڌ جي نمائندگي کي نظرانداز  ڪيو پيو وڃي. پي سي بي پاران شروع ڪيل منصوبن بابت ڄاڻ ڏيندي پي سي بي جي ريجنل ڊولپمينٽ مئنيجر عبدالحسين شاهه ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته  حيدرآباد جي ڪوهسار ۽ قاسم آباد واري علائقن ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تعمير ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته خيرپور، سانگهڙ، جيڪب آباد،  ڪنڌڪوٽ، دادو، شڪارپور، مڪلي، شهدادپور  ۽ عمرڪوٽ ۾ گرائونڊن  جو ڪم جاري آهي. جن تي پي سي بي 20 ڪروڙ رپيا خرچ ڪندو. هن ٻڌايو ته ڄاڻايل گرائونڊن ۾ 7-7 پچون ٺاهيون  وينديون، گرائونڊ جي سنڀال لاءِ هر گرائونڊ تي 7-7 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا، جن کي پي سي بي پگهار ڏيندو.هن ٻڌايو ته نياز اسٽيڊيم حيدرآباد اڪيڊمي  کي اپ گريڊ  ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ 4 اسٽار ليول جا 15  ڪمرا، سوئمنگ پول ۽ انڊور پريڪٽس سيڪشن تعمير ڪيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته ايندڙ سال سنڌ جي مڙني يونيورسٽين ۾ گرائونڊ تعمير ڪيا ويندا.

سنڌ گيمز،سنڌ اسڪول گيمز ۽ ريجنل گيمز لاءِ  فنڊ رکڻ جو فيصلو

حيدرآباد:نئين مالي سال جي  بجيٽ ۾ ريجنل گيمز، سنڌ گيمز ۽  سنڌ اسڪول گيمز لاءِ رقم مختص ٿيندي.ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز جي ڊائريڪٽر جنرل سيد غلام اڪبر شاهه بخاري ”ڪاوش“ کي  ٻڌايو ته لاڙڪاڻي، حيدرآباد، سکر ۽قاسم آباد ۾گرائونڊن  جي تعمير تي ڪم هلندڙ آهي. هن ٻڌايو ته  ٺٽو، بدين ۽ سيوهڻ  ملاکڙا گرائونڊ ۽ نوابشاهه اسپورٽس  ڪامپليڪس جو ڪم  هلندڙ مالي سال ۾ ئي مڪمل ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته اڪثر ضلعن ۾ ضلعي آَفيسر ناهن، جيڪي جلد ڀرتي  ڪيا ويندا، هن ٻڌايو ته نئين مالي سال دوران لاڙڪاڻي ۾ سنڌ گيمز، حيدرآباد ۾ سنڌ اسڪول گيمز، اسڪوائش، هاڪي ۽ فٽبال ٽورنامينٽ ڪرائڻ لاءِ سفارشون  اماڻي ڇڏيون آهن، جنهن لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي ويندي.

قاسم آباد اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ فٽنيس سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ رکيل 25 لکن مان هڪ رپيو به خرچ نه ٿيو

حيدرآباد: قاسم آباد اسپورٽس ڪامپليڪس اندر فٽنيس سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ لک رقم مختص ڪرڻ باوجود منصوبي تي ٽڪو به خرچ نه ٿيو.مليل ڄاڻ موجب انجنيئرنگ سائيڊ جو ڪو مسئلو هجڻ ڪري منصوبي تي ڪم شروع نه ٿيو، سنڌ سرڪار ڪم شروع ڪرائڻ لاءِ پوڻا 8 لک رليز ڪيا، پر خرچ ٽڪو به نه ٿي سگهيو، مليل ڄاڻ موجب منصوبي جي سموري رقم  ليپس ٿيڻ جا امڪان آهن.

اسپورٽس بورڊ پاران سنڌ جي 23  مان رڳو 4 ضلعن ۾ اسپورٽس آفيسر مقرر ..!!

حيدرآباد: سنڌ ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 23  ضلعن مان صرف 4 ضلعن ۾ آفيسر مقرر آهن، جن کي پڻ  هڪ -هڪ ضلعي جي اضافي چارج مليل آهي، ڄاڻ موجب سنڌ  اسپورٽس بورڊ  پاران سنڌ جي 23 مان 4 ضلعن ٺٽو، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽نوابشاهه ۾ ضلعي اسپورٽس  آفيسر مقرر  ٿيل آهن، حيدرآباد ۾ مخدوم ارشاد، لاڙڪاڻي جي ضلعي عملدار محمد حسين مڪاني وٽ سکر، نوابشاهه جي علي نواز خالد وٽ ميرپورخاص ۽ ٺٽو جي اقبال حسين وٽ بدين جي اضافي چارج آهي، جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ راندين کي هٿي  وٺرائڻ لاءِ آفيسر مقرر نه ٿيڻ سبب اسپورٽس سان لاڳاپيل مامرا رولڙي جو شڪار آهن.