ڄامشورو/ڪوٽڙي/ڪراچي(نمائندن وٽان) |
|
حڪومت عوام کي بدامني ۽ مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي:بشير قريشي هالا(ن ڪ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام سان ڪيل واعدن تان ڦري وئي آهي ۽ اجهي،اٽي ۽ لٽي جي فراهمي جا نعرا هڻندڙ موجوده حڪومت عوام کي بدامني، لاقانونيت ۽ مهانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. هالا پراڻا ۾ شهيد عرفان مهدي جي ورسي جي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده حڪومت به مشرف ۽ آمريڪا جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ جا وسيلا ڌارين جي هٿن ۾ آهن، جڏهن ته سنڌ جو عوام بدستور ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته 1954ع کانپوءِ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ غير سنڌي غيرقانوني آهن، انهن کي نيڪالي ڏني وڃي. اسان ڪراچي ۾ سنڌ جي عوام کي گڏ ڪري ثابت ڪنداسين ته سنڌ جو عوام متحد آهي، هن چيو ته عرفان مهدي قومي تحريڪ جو اهو سپاهي هو، جنهن زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي ۽ تحريڪ جي ساٿين ۾ اتساهه پيدا ڪيو، ان کان اڳ جسقم چيئرمين ٻين اڳواڻن سان گڏ مرحوم عرفان مهدي جي مزار تي حاضري ڀري ۽ پرچم ڪشائي ڪئي.
|