فراز ننڍپڻ ۾ والد پاران آندل ڪپڙا نه وڻڻ تي پهريون شعر لکيو

حيدرآباد: سيد احمد شاهه فراز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته پڙهڻ دوران رياضي ۽ جاگرافي ۾ انتهائي ڪمزور هو،  ايستائين جو کيس نقشا به ياد  ناهن،  احمد فراز ننڍپڻ ۾ هڪ عيد تي  والد پاران آندل  ڪپڙا  وٺڻ کان انڪار ڪيو  چيوته  اهي  ڪپڙا مون کي نه ٿا وڻن، جنهن بعد اهو ڪپڙن جو جوڙو  پنهنجي وڏي  ڀاءُ حوالي ڪيائين،  احمد فراز ان دوران ئي  پنهنجي زندگي جو  پهريون شعر لکيو ته  ”لي هين سب ڪي ليي ڪپڙي سيل سي، لي هين هماري ليي ڪمبل جيل سي“ احمد فراز کي گرمين جي ويڪيشن دورا پنهنجي  ڪلاس   فيلو ڇوڪري وٽ رياضي پڙهڻ لاءِ  موڪليو ويو پر  اتي  وڃي هن رياضي پڙهڻ بدران بيت بازي شروع ڪئي، بيت بازي جي مقابلي ۾ احمد فراز اڪثر ڪري پنهنجي ڪلاس  فيلو ڇوڪري کان  هارائي ويندو هو پر پوءِ جڏهن هن ڀاڻ شعر لکڻ شروع ڪيا، تڏهن هن پنهنجي ڪلاس  فيلو ڇوڪري کي بيت بازي ۾ شڪست ڏني.