|
بلوچستان
جا ماڻهو پنهنجن حقن جي جنگ پيا وڙهن،کين بندوق کڻڻ تي مجبور
ڪيو ويو آهي:شازيه مري
ڪراچي(بيورو
رپورٽ) سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شازيا مري چيو آهي ته سنڌ
سميت پوري ملڪ جو عوام محرومين ۽ سماجي مسئلن جو شڪار آهي،
موجوده حڪومت انهن محرومين جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي،
اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه مقامي هوٽل ۾ ” روتي هئي ملڪه“
جي عنوان سان بلوچستان جي معاشي ۽ سماجي مسئلن تي ٻڌل هڪ
ڊاڪيومينٽري جي پريميئر شو ۾ خطاب ڪندي ڪيو، تقريب جو خاص
مهمان قائم مقام گورنر نثار احمد کهڙو هو، شازيه مري چيو ته هن
ڊاڪيومينٽري ۾ بلوچستان جي مسئلن کي اجاگر ته ڪيو ويو آهي پر
فلم ۾بلوچي ماڻهن جي هٿن ۾ اسلحو ڏيکاري انهن کي جنگجو طور
ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان جيڪو وسيلن سان مالامال هئڻ
جي باوجود مسئلن جو شڪار آهي، بلوچستان جي مسئلن جي صحيح نموني
عڪاسي نه ڪئي وئي آهي، بلوچستان جا ماڻهو پنهنجن حقن جي جنگ
وڙهي رهيا آهن، ڇو ته ماضي ۾ انهن تي ڌيان نه ڏنو ويو هو،
شازيه مري چيو ته تشدد پوري ملڪ جو مسئلو آهي ۽ هر هنڌ هٿيار
موجود آهن، جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا پر اها به حقيقت آهي ته
بلوچستان جا ماڻهو ٻين صوبن جي ماڻهن وانگر محرومي جو شڪار آهن،
انهن کي بندوق کڻڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو، هن صوبي ۾ عام ۽ خاص
ڪري عورتن کي حق نه ڏيڻ، تعليم، صحت، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٻين
مسئلن تي حڪومت جو رويو ماڻهن کي بندوق کڻڻ تي مجبور ڪندو رهيو،
شازيه مري چيو ته ڊاڪيومينٽري پراڊڪشن جي حساب سان اعليٰ معيار
جي آهي پر هن ڊاڪيومينٽري ذريعي ٻاهرين دنيا ۾ اسان جو ڪو به
سٺو اميج قائم نه ٿيندو، تقريب کي ڊاڪيومينٽري جي پروڊيوسر
طلحه غزنوي پڻ خطاب ڪيو.
|