روزانه ڪاوش

هيمبرگ ماسٽر هاڪي ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ پاڪسستاني هاڪي ٽيم اڄ جرمني رواني ٿيندي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) هيمبرگ ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم اڄ جرمني روانو ٿيندي، واضح رهي ته هيمبرگ ماسٽر هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي 18 رڪني هاڪي ٽيم اڄ جرمني وڃي رهي آهي، جڏهن ته قومي ٽيم سان گڏ 5 آفيشلز به گڏ ويندا ۽ هن ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان کانسواءِ اولمپڪ چيمپئن جرمني، بيلجيم ۽ ملائيشيا جون ٽيمون پڻ حصو وٺي رهيون آهن، پاڪستان هاڪي ٽيم ۾ اڪثريت جونيئر رانديگرن جي آهي، جڏهن ته هيمبرگ ٽرافي ۾ اولمپئن شڪيل عباسي پهريون ڀيرو قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندو.