|
مائيڪل فيلپس بيجنگ اولمپڪس ۾
ٽيون گولڊ ميڊل کٽي ورتو
بيجنگ
(اسپورٽس ڊيسڪ) بيجنگ اولمپڪس ۾ آمريڪي سوئمر مائيڪل فيلپس هڪ
ڀيرو ٻيهر گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي، جنهن بعد سندس گولڊ ميڊلز
جو تعداد 3 ٿي ويو آهي، ڪالهه مائيڪل فيلپس 2 سئو ميٽر فري
اسٽائيل ايونٽ ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪري گولڊ ميڊل کٽيو، هن اهو
فاصلو هڪ منٽ 42 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو، اهو سندس ٽئين گولڊ ميڊل
سان گڏ ٽيون عالمي رڪارڊ پڻ آهي، ان کان اڳ مائيڪل فيلپس 400
ميٽر انفرادي ميڊلي سوئمنگ ايونٽ ۾ رڪارڊ ٺاهڻ سان گڏ پهريون
ميڊل کٽيو، جنهن بعد هن سومر تي 4x100 ميٽر فري اسٽائيل سوئمنگ
ايونٽ ۾ پڻ رڪارڊ ٺاهي ٻيو گولڊ ميڊل کٽيو هو، اهڙي طرح مائيڪل
فيلپس اولمپڪس جي انهن عظيم رانديگرن جي لسٽ ۾ 5 نمبر تي اچي
ويو آهي، جن 9 گولڊ ميڊل کٽيا آهن، 4 سال اڳ ايٿنز ۾ ٿيل
اولمپڪس ۾ پڻ 6 گولڊ ميڊل کٽيا هئا ۽ هن ڀيري هن مان توقع ڪئي
پئي وڃي ته هو بيجنگ اولمپڪس ۾ 8 گولڊ ميڊل کٽڻ جو رڪارڊ قائم
ڪندو، فيلپس اڃا 2 سئو ميٽر انفرادي ميڊلي سوئمنگ، 2 سئوميٽر
بٽر فلاءِ، 100 ميٽر بٽر فلاءِ 4x200 ميٽر فري ريلي ۽ 4x100 ميٽر
ميڊلي ريلي سوئمنگ ايونٽس ۾ مقابلو ڪندو.
|