روزانه ڪاوش

ماتلي ۾ شهيد راڻي بينظير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل بجلي وڃڻ سبب ڊرا

ماتلي (اسپورٽس ڊيسڪ) ماتلي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ۾ ڪرايل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ ماتلي جي ڪشميري ٽيم ۽ ٽنڊوالهيار ٽيم جي وچ ۾ ٿيو، جيڪو بجلي بند ٿيڻ سبب ٻنهي ٽيمن جي رضامندي سان برابر ڪيو ويو، ٽنڊوالهيار ٽاس کٽي ڪشميري ٽيم کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن مقرر 16 اوورن ۾ 9 رانديگرن جي نقصان تي 131 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ٽنڊوالهيار جي ٽيم 8 اوورن ۾ 3 رانديگرن جي نقصان تي 71 رنسون ٺاهيون ته بجلي ميچ دوران هلي وئي ۽ بعد ۾ گهڻو انتظار ڪرڻ بعد ڪاميٽي ميچ ڊرا ڪري ٻنهي ٽيمن ۾ انعام ورهايا.