|
روزانه ڪاوش |
|
نيوزيلينڊ آئرلينڊ کي رڪارڊ 290 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ابرڊين (اسپورٽس ڊيسڪ) اسڪاٽ لينڊ ۾ هلندڙ 3 ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ کي رڪارڊ 290 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين کيڏندي برينڊن ميڪلم ۽ جيمز مارشل جي طوفاني سينچري جي مدد سان 50 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 402 رنسون ٺاهيون، برينڊن ميڪلم 10 ڇڪا ۽ 11 چوڪا هڻي 135 بالن تي 166 ۽ جيمز مارشل 4 ڇڪا ۽ 11 چوڪا هڻي 141 بالن تي 161 رنسون ٺاهيون، ٻنهي وچ ۾ 266 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ ٿي، جڏهن ته روز ٽيلر به 4 ڇڪا ۽ 5 چوڪا هڻي 24 بالن تي 59 اسڪور ڪيو، اهڙي طرح نيوزلينڊ جي ٽيم 402 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ آئرلينڊ جي ٽيم 112 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
|