|
روزانه ڪاوش |
|
ڌوني جي کيل رتنا ايوارڊ لاءِ چونڊجڻ تي جهار کنڊ رياست ۾ جشن رانچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ون ڊي ۽ 20-20 ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني کي ڀارت جو سڀ کان وڏو ايوارڊ راجيو گانڌي کيل رتنا ايوارڊ جو حقدار چونڊجڻ بعد سندس هوم ٽائون رانچي ۽ جهار کنڊ رياست ۾ جشن ٿي رهيو هو، ڌوني رانچي جي ڌوري مندر ۾ پوڄا پاٺ پڻ ڪئي، جڏهن ته رياست جي چيف مڌوڪووا چيو ته اهو سندن رياست لاءِ خوشي جو موقعو آهي جو ڌوني کي ايتري وڏي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.
|