روزانه ڪاوش

سريلنڪا ۽ ڀارت وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ اڄ ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي

ڪولمبو (اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هلندڙ 5 ميچن تي مشتمل ون ڊي سيريز جي چوٿين ميچ اڄ ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، ڀارت کي سيريز ۾ 1-2 جي برتري حاصل آهي ۽ ڀارتي ٽيم پراميد آهي ته اها ميچ کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري وٺندي، ٻئي طرف سريلنڪن ٽيم جي فاسٽ بالر چمندا واس کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 4 سئو وڪيٽون مڪمل ڪري چوٿون بالر بڻجڻ لاءِ وڌيڪ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي، چمندا واس ٽين ون ڊي ميچ ۾ 10  اوور ڪرائڻ باوجود ڪا به وڪيٽ نه وٺي سگهيو هو، امڪان آهي ته هو اڄ ميچ ۾ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندو.