فرنچ اوپن جي فائنل ۾ اينا اوينووچ ۽ ڊنارا سفينا اڄ آمهون سامهون ٿينديون

پيرس (اسپورٽس ڊيسڪ) فرانس جي گادي واري هنڌ پيرس ۾ هلندڙ فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو فائنل اڄ سربيا جي اينا اوينووچ ۽ روس جي ڊنارا سفينا وچ ۾ کيڏيو ويندو، اينا اوينووچ عالمي ٽينس رينڪنگ ۾ ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته ڊنارا سفينا 13 هين نمبر تي آهي، اينا اوينووچ ٻه ڀيرا فائنل ۾ پهچڻ باوجود اڄ تائين ڪوبه گرينڊ سلم کٽي ناهي سگهي، جيڪڏهن فرنچ اوپن کٽي وئي ته اهو سندس پهريون گرينڊ سلم ٽائٽل هوندو.