روزانه ڪاوش

مائيڪل وان انگلينڊ ٽيم جي قيادت تان استعيفا ڏئي ڇڏي

لنڊن(اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيسٽ ڪپتان مائيڪل وان ٽيم جي قيادت تان استعيفا ڏئي ڇڏي، ڏکڻ آفريقا هٿان ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جي ٻئي ڏينهن مائيڪل وان پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو فيصلو ڪيو، مائيڪل وان 5 سالن تائين انگلينڊ ٽيم جي قيادت ڪئي، جنهن دوران هن 2005ع ۾ انگلينڊ ٽيم کي 18 سالن ۾ پهريون ڀيرو ايشنز سيريز به کٽرائي هئي، پريس ڪانفرنس ڪندي مائيڪل وان چيو ته مون انگلينڊ ٽيم جي قيادت تان استعيفا ڏئي ڇڏي، اهو سندس زندگي جو ڏکيو ترين فيصلو آهي ته آسان به آهي، هن چيو ته مون 5 سال پنهنجي دل لڳائي ڀرپور محنت ڪري ٽيم جي قيادت ڪئي، هن چيو ته آئون اڃا رانديگر جي حيثيت سان کيڏڻ چاهيان ٿو، هن سليڪٽرن کي اپيل ڪئي ته ڏکڻ آفريقا خلاف اوول ۾ ٿيندڙ آخري ٽيسٽ ميچ لاءِ ٽيم ۾ شامل نه ڪيو وڃي، ڇو ته آئون ڪجهه آرام ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته انگلينڊ ٽيم جي ڪپتاني ڪندي کيس ڏاڍو مزو آيو، واضح رهي ته مائيڪل وان 1999ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. هوڏانهن انگلينڊ ٽيم جي ون ڊي ڪپتان پائول ڪولنگ ووڊ به استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، ڪولنگ ووڊ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ کي  آگاهه ڪيو آهي ته ڪپتاني سان سندس پرفارمنس متاثر ٿي رهي آهي، انهي ڪري هو ڪپتاني جاري رکي نٿو سگهي. ٻئي طرف انگلينڊ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪ ايٿرٽن چيو آهي ته ڪيون پيٽرسن کي انگلينڊ ٽيم جو ڪپتان بڻايو وڃي.