|
بجلي بحران جلد حل
ٿيندو،ذوالفقار جونيئر کي سيڪيورٽي ملڻ گهرجي:شازيه مري
ڪراچي
(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي سانگهڙ جي صدر ڊاڪٽر
مدد علي لسڪاڻي پ پ ۾ باضابطا طور شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي،
ان سلسلي ۾ هن اطلاعات واري وزير شازيه مري سان گڏ ڪالهه ڪراچي
پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي، شازيه مري ڊاڪٽر مدد علي
لسڪاڻي کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته جيڪي پ پ سان
پراڻيون سلهاڙيل شخصيتون هيون، 1988ع ۾ غير جمهوري حڪومتن جي
دٻاءَ سبب مجبوري مان ڌار ٿي ويا هئا، سي هاڻي مڪمل جمهوريت
بحال ٿيڻ ڪري واپس اچي ويا آهن، شازيه مري ڪراچي ۾ ڪي اي ايس
سي جي بحران بابت چيو ته ڪي اي ايس سي کي نئين البراج گروپ
سنڀاليو آهي، جنهن سان وڏو وزير جلد گڏجاڻي ڪندو ۽ ڪراچي شهر
اندر بجلي جي بحران کي جلد حل ڪيو ويندو، هن چيو ته اسان
بلدياتي نظام جي حق ۾ آهيون، جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي،
هن چيو ته ذوالفقار ڀٽو جونيئر کي سيڪيورٽي ڏيڻ گهرجي پر ان کي
سيڪيورٽي ملي آهي نه! مون کي ان بابت خبر ناهي. |