|
ڊاڪٽر پٺتي پيل علائقن ۾ ڊيوٽي
نه ٿا ڪن،صحت مرڪز خالي آهن:قائم علي شاهه
ڪراچي
(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته
موجوده حڪومت شهيد بينظير ڀٽو طرفان هر ماڻهو کي گهر، صحت ۽
تعليم واري منشور تي دل ۽ جان سان عمل ڪري رهي آهي. ان لاءِ
سڀئي وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار وزير اعليٰ
ملير جي ڳوٺ ڪوهي ۾ قائم عورتن جي اسپتال ۾ نرسنگ اينڊ مڊ
وائفري ٽريننگ اسڪول جي افتتاح واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو،
وزيراعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته عوام لاءِ صحت جون سهولتون هجڻ
لازمي آهن ۽ ان مقصد لاءِ اسان جي حڪومت ڀرپور نموني ڪم ڪري
رهي آهي ۽ عورتن جي ترقي ۽ صحت جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽
هن سال جي بجيٽ ۾ گذريل سال کان 139 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي
۽ سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي روڪٿام ۽ علاج لاءِ اڍائي ارب
رپيا رکيا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته صحت ۽ تعليم جي لاءِ صرف
بجيٽ مقرر ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. پر انهن شعبن ۾ سچي دل سان
محنت سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن جي لاءِ ڊاڪٽر اديب رضوي ۽
ڊاڪٽر شير شاهه وانگر ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾
ڪيترائي ڊاڪٽر نوڪريون ملڻ کانپوءِ پنهنجي پوئتي پيل علائقن ۾
ڊيوٽي نٿا ڪن پر هو وڌيڪ پڙهائي ۽ سياسي سفارشن جي ڪري پنهنجون
بدليون ڪرائن ٿا، جن جي ڪري ڪيترائي بنيادي صحت مرڪز خالي پيل
آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر جي تعليم سان گڏوگڏ نرسنگ جي تعليم ۽
تربيت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ڊاڪٽر جي مقابلي ۾
نرسنگ اسٽاف جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن اداري وانگر ٻيا ادارا
قائم ڪرڻ ۽ انهن ۾ بهتر تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو
ته هي ادارو پنهنجي مدد پاڻ تحت شروع ڪيو ويو آهي، ڳوٺ کي ماڊل
وليج فار هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن بڻائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڪوهي ڳوٺ جي
ليز ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزير اعليٰ اسپتال ۾ علاج هيٺ پنجاب
سان واسطو رکندڙ نابين عورت کي 2 لک ڏيڻ ۽ نيشنل هاءِ وي کان
ڳوٺ تائين روڊ جي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هوڏانهن
وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه ڪالهه واپار واري وفاقي وزير ۽
پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم سان سندس
رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ کيس وفاقي وزير جو منصب سنڀالڻ تي
مبارڪ ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪي ۽ صوبي جي سياسي صورتحال
۽ پارٽي جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي بين
الصوبائي رابطن جو صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان پڻ موجود هو.
ٻئي پاسي سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ٻهراڙين وارن علائقن ۾
رستن جي تعمير ۽ مرمت جي منصوبن تي ڪم کي تيز ڪيو ويو آهي ته
جيئن ماڻهن کي اچ وڃ جون بهتر سهولتون ملي سگهن. اهڙن خيالن جو
اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ۾ رستن جي تعمير جي نون
منصوبن بابت ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي. انهي موقعي تي
مواصلات جي وزير منظور وساڻ بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال 1642
ڪلوميٽر روڊ رستن جي تعمير جون نيون اسڪيمون منظور ڪيون ويون
آهن.
|