|
ايندڙ 2 سالن ۾ 20 ارب ڊالرن جي
امداد ۽ سيڙپڪاري جي اميد آهي:شوڪت ترين
اسلام
آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيرا عظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت
ترين چيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران مجموعي قومي پيداوار جي
شرح 4 سيڪڙو ۽ مهانگائي جي شرح 20 سيڪڙو کان وڌي ويندي،
جڏهن ته ايندڙ 2 سالن ۾ 20 ارب ڊالرن جي ڪل امداد ۽ سيڙپڪاري
جي توقع آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ترقياتي
خرچن جا 400 ارب رپيا بئنڪن ۾ غير استعمال ٿيل پيا آهن،
تنهن ڪري ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي ڏٺو پيو وڃي، هن
اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف کانسواءِ 5 کان 7 ارب ڊالر
امداد ٻين ادارن ۽ 5 کان 6 ارب ڊالر دوست ملڪن کان سيڙپڪاري
ٿيندي، هن چيو ته افراط زر کي گهٽ قرض وٺڻ سان 20 سيڪڙو تائين
آڻي سگهجي ٿو ۽ عام ماڻهو کي ايندڙ 12 کان 18 مهينن ۾
قيمتون گهٽائي رليف ڏنو ويندو، هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ، ريئل
اسٽيٽ ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس ضرور لڳڻ گهرجي.
|