اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

هاڻ عدليا جي بحالي ۾ وقت نه لڳندو،جسٽس افتخار هٽايل ججن جو امام آهي، اهو لازمي بحال ٿيندو:وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني  چيو آهي ته جمهوريت جي بحالي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ  جنرل (ر) پرويز مشرف کي هٽايو ويو آهي، هاڻ عدليا جي بحالي ۾ وقت نه لڳندو، جسٽس افتخار چوڌري هٽايل ججن   جو امام آهي، اهو لازمي بحال ٿيندو، جڏهن ته صدارتي چونڊن کانپوءِ وفاقي ڪابينا ۾ ردو بدل ۽ اضافو ڪيو ويندو، پارليامينٽ  ۾ وزيراعظم چيمبر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي  وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن)  پارليامينٽ جي بالادستي  ۽ مشرف کي هٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيوته پاڪستان ۾ جمهوريت اڳيان سڀ کان وڏي رڪاوٽ  پرويز مشرف کي هٽايو ويو آهي، جنهن تي آئون جمهوري قوتن کي سلام پيش ڪريان ٿو، هاڻ جمهوريت  جي بحالي 90 سيڪڙو مڪمل ۽ پارليامينٽ  جي بالادستي  قائم ٿي چڪي آهي، رڳو هڪ قدم ججن جي بحالي رهجي وئي آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيوته عدليا جي بحالي  اسان جي پارٽي جي منشور ۾ شامل آهي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو  جو به اهو ئي موقف هو، هن چيوته مون ججن جي آزادي جو وزيراعظم چونڊجڻ سان ئي حڪم ڏنو ۽ هاڻ ججن جي بحالي ۾ گهڻو وقت نه لڳندو، وزيراعظم وڌيڪ چيوته جسٽس افتخار محمدچوڌري  جي هٽايل ججن ۾ حيثيت امام واري آهي، جنهن ڪري هٽايل ججن  کي بحال ڪيو ويندو ته انهن بحال ٿيندڙ ججن ۾ افتخار چوڌري به شامل هوندو  هن چيوته اسان 17 ترميم کي نه اڳ قبول ڪيو آهي ۽ نه هاڻ ئي قبول ڪنداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيوته وفاقي ڪابينا  ۾ صدارتي چونڊ بعد اضافو ۽ ردوبدل ڪئي ويندي،  هن چيوته ن ليگ جي الڳ ٿيڻ بعد اسان کي ٻيهر شروعات ڪرڻي آهي، پنجاب حڪومت  بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيوته دنيا جي ٻين ملڪن اندر اهڙيون روايتون موجود آهن ته مختلف سطح تي مختلف پارٽين جون حڪومتون  هونديون آهن، اسان وٽ جمهوريت  جي حوالي سان تجربا ٿي رهيا آهن،  هوريان هوريان  اسان انهن ڳالهين جا عادي ٿي وينداسين،  وزيراعظم يوسف رضا گيلاني  وڌيڪ چيوته اسان جي حڪومت  اقليتين جي گرانٽ کي ڊبل ڪيو آهي ۽ نوڪرين جي ڪوٽا تي سختي سان عمل ڪرڻ جون هدايتون  ڏنيون آهن، هن چيوته تعليمي  ادارن ۾ به اقليت  جي ڪوٽا رکڻ بابت هدايت ڪئي وئي آهي، هن چيوته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري  نواز شريف کان معافي گهري چڪو آهي، هن چيوته  ججن جي بحالي پارليامينٽ تي مدار رکي ٿي ته پارليامينٽ ڪڏهن ٿي ججن کي بحال ڪري، جڏهن قومي اسيمبلي ۾ پوائنٽ آف آرڊر  تي ڳالهائيندڙ  ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني  چيوته رمضان مهيني دوران عام واهپي جي شين خصوصن اٽو، گيهه ۽ دالون وڌيڪ تعداد ۾ سستي اگهن  تي موجود هجڻ لاءِ بندوبست ڪيا پيا وڃن، مون ان حوالي سان وزارت صنعت ۽ پيداوار  کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته يوٽيلٽي  اسٽورن تي عام واهپي جي شين جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيوته حڪومت جي پاليسي آهي ته هر يوسي ۾ يوٽيلٽي  اسٽور قائم ڪيو وڃي،  هن وقت 16 سئو جي لڳ ڀڳ يوسيز ۾ يوٽيلٽي  اسٽور موجود ناهن، جنهن ڪري مون وزارت صنعت ۽ پيداوار  کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اسٽور هنگامي بنيادن تي قائم ڪري، جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي ته موبائيل اسٽور قائم ڪيا وڃن،  جن تي گيهه ، اٽو دالون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون موجود هجن، خزاني جي وفاقي وزير سيد نويد قمر قومي  اسيمبلي  ۾ جواب ڏيندي چيوته اڄ اڱاري  ڏينهن خزاني  جي وزارت رمضان مهيني دوران اسپيشل پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رمضان دوران عام واهپي جي شين تي سبسڊي ڏئي اهي سستي اگهه تي دستياب  ڪيون وينديون،  وزيراعظم کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته ڇا ق ليگ سان اتحاد جو امڪان آهي ته هن جواب ڏنو ته سياست ۾ ڪابه شئي حرف آخر نه هوندي آهي، ان بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.