لاهور(بيورو رپورٽ)

دهشتگردي خلاف اڪيلي سر ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون،ناڪام ٿياسين ته دنيا برابر جي شريڪ هوندي:آصف

اسلا م آباد/ايٿينز(فارين ڊيسڪ/بيورو رپورٽ ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف  علي زرداري چيو آهي ته اولهه اڄ ڏينهن تائين  پاڪستاني عوام نه پر پاڪستان جي فوج ۽ هٿيارن ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي، جنهن جي عالمي برادري کي ڳري قيمت چڪائڻي پئجي رهي آهي. يونان ۾ انٽرنيشنل سوشلسٽ ڪانگريس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي سويت يونين خلاف جنگ کٽڻ لاءِ استعمال  ڪيو ويو، جنهن بعد  پاڪستان کي انتهاپسندن وچ ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو.آصف  علي زرداري چيو ته گڏيل قومون، آمريڪا يا برطانيا ٻڌائين  ته انهن دهشتگردي سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ڪڏهن هڪ رپيو  به خرچ ڪيو آهي؟ متاثرعلائقي ۾ فوجي ڪارروائي سان گڏوگڏ سماجي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ  قدم کڻڻ تي زور ڏيندي. آصف علي زرداري چيو ته نئين فضا پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻ رخي عالمي ڪانفرنس  ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته  مدرسا مذهبي نفرت پکيڙي رهيا آهن، حڪومت مدرسن ۽ اسڪولن ۾ هڪ جهڙو نصاب  لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي، نئون نصاب لاڳو نه ڪندڙ مدرسن کي بند ڪيو ويندو. آصف  زرداري چيو ته  ملڪ ۾ هاڻي اعتدال پسندي کي ماڊل بڻائي سگهي ٿو، جنهن لاءِ  عالمي  برادري جي امداد جي ضرورت پوندي. پاڪستان  واحد قوم آهي، جنهن کي دهشتگردي سڀ کان گهڻو نقصان پهچايو آهي، پر پوءِ به اهو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوئتي نه هٽندو.اسان مهذب دنيا سان گڏ پاڪستان جي آن ۽ شان لاءِ آخري دم تائين وڙهنداسين. هن چيو ته  پاڪستان جو عوام پراميد آهي ۽ ان کي پنهنجي روشن مستقبل  تي پورو يقين آهي.آصف علي زرداري چيو ته  پاڪستان کي هن وقت پاڻي کوٽ ۽ توانائي بحران سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهي ٻئي مسئلا  ترقيءَ ۾  وڏي رڪاوٽ آهن پر حڪومت 2200 ميگاواٽ بجلي جو منصوبو تيار ڪيو آهي، جيڪا ان مسئلي کي ختم ڪرڻ  ۾ مدد ڏيندي.آصف زرداري قبائلي علائقن جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته   پاڪستان جي قبائلي علائقي، سرحد صوبي ۽ افغانستان  ۾ مدرسا ۽ مسجدون سياست ۽ بنياد پرستيءَ جون ڳڙهه  بڻجنديون پيون وڃن. انهن مدرسن ۽ تعليمي ادارن ۾ نصاب کي بهتر بڻائڻ لاءِ  تشدد  کي هٿي ڏيندڙ نصاب کي ختم  ڪيو ويندو. هن  چيو ته مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان اسان جي سرحدن تان دهشتگردي جو ناسور ختم ڪري ڇڏيندو، سماجي ۽ اقتصادي طور تي  مستحڪم پاڪستان  سان ئي عالمي سطح تي استحڪام اچي سگهي ٿو. اسان قانون ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان اڪيلي سر ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن ڪامياب ٿياسين ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ختم ٿيندي ۽ جيڪڏهن ناڪام ٿياسين ته پوءِ  عالمي برادري برابر جي شريڪ  هوندي.