|
عوام حڪومت جي موجوده ڪارڪردگي مان
مطمئن ناهي:صدر مشرف
راولپنڊي(آن
لائن) صدر پرويز مشرف چيو آهي ته عوام حڪومت جي موجوده
ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ناهي، عوام جي مايوسي ۽غربت ختم ڪرڻ لاءِ
قدم کڻڻ گهرجن. فاٽا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، دهشتگردي سان
منهن ڏيڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ جي حڪمت عملي اڻٽر آهي. هن
اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي صدر فاروق احمد لغاري سان صدارتي
ڪئمپ آَفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ذريعن موجب صدر ۽ فاروق لغاري
جي ملاقات ۾ حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي تي غور ويچار ٿيو.
صدر مشرف چيو ته عوام حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ناهي، ان
ڪري حڪومت کي گهرجي ته اها عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي
.افغان صدر حامد ڪرزئي جي پاڪستان تي لڳايل الزامن جي مذمت
ڪندي صدر مشرف چيو ته ڪنهن به پاڪستاني اداري جو افغانستان
۾ عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ ۾ ڪو هٿ ناهي، پاڪستان پاڻ
دهشتگرديءَ جو شڪار آهي، پوءِ به اسان افغانستان ۾ استحڪام لاءِ
ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪنهن کي به حق ناهي ته اهو بنا ثبوتن جي
پاڪستان تي الزام هڻي، حامد ڪرزئي کي گهرجي ته هو پاڪستان تي
الزام هڻڻ بدران افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ امن ۾ پاڪستان
جي ڪردار کي ياد رکي.
|