مارشل لا نه لڳندي ۽ نه  ئي حڪومت ختم ٿي رهي آهي:پ پ

لاهور(اين اين آءِ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪا به مارشل لا نه لڳندي ۽ نه ئي حڪومت ختم ٿي رهي آهي ججن جي بحالي ۽ پرويز مشرف جي آمريت جي خاتمي سميت سڀني  واعدن کي پورو ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي حڪومت خلاف ٿيندڙ سازشون پهريان به ناڪام ٿيون ۽ آئنده به ناڪام ٿينديون. مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين بحرانن جي  ذميوار گذريل حڪومت ۽ شوڪت عزيز آهي، جيڪو ملڪ مان ڀڄي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وفاقي وزير خالد احمد کرل، سينيئر صوبائي وزير مشتاق احمد اعواڻ، منير احمد خيان، سجاد بخاري، فيصل آباد جي ناظم نديم آفتاب سنڌو جي ساٿين سميت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.خالد کرل چيو ته پرويز مشرف اڄ حڪومت جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪري ٿو، پر هو ان وقت ڪاٿي هو جڏهن شوڪت عزيز ۽ ان جا دوست ملڪي معيشت سميت هر اداري کي تباهه ۽ برباد ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جڏهن به ايندي آهي ته  ان خلاف سازشن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي .