اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
ڪرمنل پراسيڪيوشن جو قلمدان پيرمظهر کان اياز سومري حوالي ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي جو قلمدان سينيئر وزير پير مظهر الحق کان وٺي قانون ۽ پارلياماني وزير محمد اياز سومرو حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ڪالهه اڱاري ڏينهن ملازمتن ۽ عام انتظام واري کاتي جاري ڪيو آهي. ملازمتن ۽ عام انتظام واري کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٻن وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديلي ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير پير مظهر الحق کي تعليم ۽ خواندگي جو قلمدان ڏنو آهي، جنهن کان ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي جو قلمدان وٺي قانون واري کاتي جي وزير محمد اياز سومرو حوالي ڪندي کيس قانون، پارلياماني ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي جو وزير ڪري ڇڏيو آهي. ڪرمنل پراسيڪيوشن وارو کاتو اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران قائم ڪيو ويو هو جيڪو، ان کان اڳ قانون واري کاتي جو حصو هو. مليل ڄاڻ موجب تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سينيئر وزير پير مظهر الحق ۽ قانون واري وزير اياز سومرو پرويز مشرف پاران قائم ڪيل ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتو ختم ڪري ان کي قانون واري کاتي ۾ ضم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو ۽ ان تحت ئي ڄاڻايل کاتي جو قلمدان قانون واري وزير حوالي ڪيو ويو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي جو قلمدان قانون واري وزير کي سونپڻ کانپوءِ ترت ڄاڻايل کاتي کي پڻ قانون واري کاتي ۾ ضم ڪرڻ بابت ترت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
|