اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
”ڪڻڪ ۽ اٽي جي چرپر تان پابندي هٽايو“:13 آگسٽ کان سڄي ملڪ ۾ فلور ملون بند ڪرڻ جو چتاءُ پشاور/سکر(بيورو رپورٽس) فلور ملز اونرز ايسوسيئيشن پاران وفاقي سرڪار کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن 12 آگسٽ جي شام تائين صوبن کان ٻاهر ڪڻڪ اماڻڻ ۽ اٽي جي چرپر تي لڳايل پابندي نه هٽائي وئي ۽ وزير اعظم پاڻ يا پنهنجي ڪنهن وزير کي فلور ملز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان ملاقات لاءِ وقت نه ڏنو ته 13 آگسٽ کان سڄي ملڪ جون فلور ملون بند ڪري هڙتال ڪئي ويندي، اهڙو فيصلو ڪالهه پشاور ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن جي صدارت ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين محمد نعيم بٽ ڪئي، جڏهن ته هن اجلاس ۾ چئني صوبن جا چيئرمين ۽ مرڪزي ڪاميٽي جا 12 ميمبر شريڪ ٿيا، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي فلور ملز اونرز ايسوسيئيشن سنڌ جي چيئرمين اقبال دائود پاڪ والا ڪاوش کي ٻڌايو ته اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي ته ڪڻڪ توڙي اٽي جي هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ڏانهن منتقلي تي پابندي وارو فيصلو ۽ حڪم غير آئيني آهي ۽ اهو آئين جي 151 اي جي شق نمبر 2 جي خلاف آهي، ان ڪري اها پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي ۽ جيڪڏهن 12 آگسٽ جي شام تائين پابندي نه هٽائي وئي ته 13 آگسٽ کان سڄي ملڪ ۾ فلور ملون بند ڪيون وينديون، هن چيو ته هڪ ميمورينڊم وزير اعظم سيڪريٽريٽ، خوراڪ ۽ زراعت واري وفاقي وزارت کي اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ فلور مل جي مالڪن کي پيش ايندڙ مسئلن بابت تفصيل سان وزير اعظم کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ کيس اپيل ڪئي وئي آهي ته اسان جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ 12 آگسٽ کان اڳ ۾ اسان کي ٽائيم ڏنو وڃي، جيڪڏهن وزير اعظم ان ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو ته اهو افسوسناڪ عمل هوندو ۽ اسان طئي ڪيل شيڊيول موجب 13 آگسٽ کان ملون بند ڪري ڇڏينداسين ۽ اهڙي صورتحال ۾ حالتن جي ذميوار وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومتون هونديون، هن چيو ته اسان وزير اعظم ۽ خوراڪ واري وفاقي وزير کي اهو پڻ لکيو آهي ته پهرين سيپٽمبر بدران آگسٽ جي هلندڙ هفتي کان سڄي ملڪ جي فلور ملن کي ڪڻڪ جي ڪوٽا جاري ڪئي وڃي ته جيئن سستي اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ وارو عمل جاري رهي سگهي، ٻي صورت ۾ موجوده اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ فلور مل جي مالڪن لاءِ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ هفتي جي آخر ۾ فلور مل ايسوسيئيشن جا صوبائي اجلاس ٿيندا، جڏهن ته 13 آگسٽ تي لاهور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مرڪزي اجلاس منعقد ڪيو ويندو.
|