|
ڪراچي (بيورو رپورٽ) |
|
چوڌري شجاعت جي جمالي سان ملاقات:اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق مڪاالمڪرمه(مانيٽرنگ ڊيسڪ) (ق) ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين مڪي شريف ۾ اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي سان اهم ملاقات ڪئي آهي، خانگي ٽي وي چئنل موجب ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، 3 ڪلاڪن تائين هلندڙ ڳالهين ۾ ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. واضح رهي ته (ق) ليگ ۾ اختلافن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾هيءَ اهم پهرين ملاقات هئي.
|