|
سعيد الزمان صديقي کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست رد، عبدالوهاب عباسي تي لک رپيا ڏنڊ ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ جسٽس ظفر احمد شيرواني تي ٻڌل ڊويزن بئنچ نواز ليگ جي صدارتي اميدوار جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي کي نا اهل قرار ڏيڻ لاءِ اڳوڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالوهاب عباسي پاران داخل ڪيل آئيني درخواست رد ڪندي درخواستگذار مٿان هڪ لک رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه اڱاري ڏينهن ڄاڻايل درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪرڻ بعد مختصر فيصلي ذريعي ڏنو. درخواستگذار عبدالوهاب عباسي پنهنجي وڪيل اصغر علي عباسي ذريعي داخل ڪرايل آئيني درخواست ۾ وفاقي سرڪار ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو هو ته 1990ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طور مقرري لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون جنهن تحت درخواستگذار پڻ درخواست ڏيڻ کانپوءِ قانون مطابق لکت ۽ زباني امتحان ڏنو، جنهن ۾ ڪامياب قرار ڏيندي ميرٽ لسٽ ۾ سندس نالو چوٿين نمبر تي رکي سندن مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ لسٽ کي سنڌ سرڪار کي اماڻيو ويو جنهن تي سنڌ سرڪار ڪجهه اميدوارن جي عمر تي اعتراض ڪندي سمري هاءِ ڪورٽ کي واپس ڪري ڇڏي، جيڪا ڳچ عرصو رجسٽرار وٽ پيل رهي، ان دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويو جنهن کانپوءِ سعيد الزمان صديقي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو، جنهن ذميواريون سنڀالڻ کان پوءِ ايڊيشنل سيشن ججن جي 14 اميدوارن واري ميرٽ لسٽ مان پنهنجي من پسند چئن اميدوارن کي چونڊيو ۽ انهن سان گڏ ٽن ٻين اميدوارن کي شامل ڪري کين مقرر ڪرڻ لاءِ سرڪار کي سفارش ڪئي جنهن مطابق سرڪار انهن اميدوارن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ، جسٽس سعيد الزمان صديقي جي اهڙي فيصلي سبب درخواستگذار متاثر ٿيو جنهن خلاف هن درخواستون ڏنيون ۽ اپيلون ڪيون پر 5 سالن تائين ساڻس انصاف نه ٿيو ۽ جسٽس سعيد الزمان صديقي کانپوءِ چيف جسٽس طور مقرر ٿيندڙ جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ کيس ساڳي سينارٽي لسٽ مطابق ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن طور مقرر ڪيو. هو صدارت لاءِ اهل ناهي.
|