|
(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن) |
|
ڊالر ٻيهر ملڪ جي تاريخ ۾ بلند ترين سطح 78.95 رپين تي پهچي ويو ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ پاران رپئي جي ملهه کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم نه کڻڻ، درآمد بلز ۾ اضافو ۽ زرعي مبادلا ۾ گهٽتائي سميت عالمي منڊي ۾ خام تيل جي ڪرندڙ قيمتن سبب ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي تاريخ ۾ بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته يورو ۽ برطانوي پائونڊ جي مقابلي ۾ رپيو دٻاءَ جو شڪار آهي، ڪالهه اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت خريد30 پئسا ۽ وڪرو قيمت ۾ 15 پئسن جو اضافو ٿيو، جنهن سان ڊالر جي قيمت خريد 78 رپيا 40 پئسن مان وڌي 78 رپيا 70 پئسن ۽ قيمت وڪرو 78 رپيا 80 پئسن کان وڌي 78 رپيا 95 پئسن جي بلند ترين سطح تائين پهچي وئي آهي، اهڙي طرح يورو جي قيمت خريد ۾ 16 پئسن ۽ وڪرو قيمت ۾ 26 پئسن جو رڪارڊ اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ يورو جي قيمت خريد 105 رپيا 84 پئسن کان وڌي 106 رپيا ۽ وڪرو قيمت 105 رپيا 91 پئسن کان وڌي 106 رپيا 20 پئسا ٿي وئي، جڏهن ته برطانوي پائونڊ جي قيمت خريد 136 رپيا 81 پئسن کان گهٽجي 136 رپيا 75 پئسا ۽ وڪرو قيمت 136 رپيا 95 پئسن تي مستحڪم رهي.
|