راڻا ثناءُ الله جي بيانن کي جواب ڏيڻ قابل نه ٿا سمجهون:ترجمان گورنر پنجاب

لاهور (بيورو رپورٽ) گورنر هائوس پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله پاران گورنر سلمان تاثير تي لڳايل الزامن تي ڪنهن به قسم جو ردعمل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، گورنر هائوس جي ترجمان ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي چيو ته گورنر هائوس راڻا ثناءُ الله جي بيانن کي ان قابل نه ٿو سمجهي جو انهن جو جواب ڏنو وڃي.