|
سنڌ ۽ پنجاب سنڌوءَ مان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جا انڊينٽ پيش ڪري ڇڏيا اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۽ پنجاب جي آبپاشي کاتن 21 نومبر کان سنڌو درياءَ تي کڻت وڌائڻ بابت انڊينٽ ارسا کي پيش ڪيا آهن، ذريعن مطابق سنڌ پاڻي کڻت 33 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 38 هزار ڪيوسڪ ۽ پنجاب انڊينٽ 21 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 25 هزار ڪيوسڪ ڪيو آهي، ٻنهي وڏن صوبن پاران پاڻي کڻت ۾ واڌ جو انڊينٽ ڏيڻ کانپوءِ ارسا تربيلا ڊيم جو هيٺيون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ وڌائي 61 هزار ڪيوسڪ مان 70 هزار ڪيوسڪ ڪيو آهي، واڌو 9 هزار ڪيوسڪ مان 5 هزار ڪيوسڪ سنڌ ۽ 4 هزار ڪيوسڪ پنجاب کي ڏنو ويندو، ٻئي طرف پنجاب سنڌو دريا تي چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولي 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻت شروع ڪري ڇڏي آهي، ان کانسواءِ پنجاب سنڌو درياءَ تي مجموعي طور 21 هزار، منگلا مان 42 هزار ۽ چناب مان 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي.
|