|
انصاف جي فراهمي واري نظام کي
مضبوط بڻايو ويندو:جسٽس ڊوگر
لاڙڪاڻو(بيورو
رپورٽ) سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جسٽس عبدالحميد ڏوگر چيو آهي ته
هن چيف جسٽس جي چارج سنڀالڻ بعد عدليا جي انتظامي مامرن کي
سڌارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن، ان ڏس ۾ نيشنل جوڊيشل ميڪنگ
ڪاميٽي جون ڪامياب گڏجاڻيون پڻ ڪيون آهن، ته جيئن عدليا جي
نظام ۽ آفيسرن جي ڪم ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي، هو ڪالهه
لاڙڪاڻي جي دوري تي سرڪٽ هائوس پهتو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ
بئنچ لاڙڪاڻي جي ججن جسٽس قاضي خالد علي، جسٽس عبدالرحمان
فاروق پيرزادو، صوبائي وزيرن محمد اياز سومرو، پيرمظهر الحق
سميت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي ججن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي
اڳواڻن سندس استقبال ڪيو، جنهن بعد چيف جسٽس سرڪٽ هائوس ۾ ججن،
وڪيلن ۽ ضلعي عملدارن سان مختصر گڏجاڻي ڪئي، بعد ۾ رات دير سان
سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بئنچ جي ايڊيشنل بلاڪ جي پيڙهه جي پٿر
رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته انصاف جي فراهمي واري
نظام جي بهتري لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن فريادي ڌرين
کي رليف ڏئي سگهجي، هن چيو ته هن پنهنجي مقرري بعد ججن جون
سموريون مقرريون ۽ بدليون اهليت جي بنياد تي ڪيون آهن، لاڙڪاڻي
جو ذڪر ڪندي هن چيو ته لاڙڪاڻي سان منهنجو پراڻو رشتو آهي،
آئون جڏهن پهريون دفعو هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيس ته لاڙڪاڻي ۾
مقررڪيو ويو، ان ڪري لاڙڪاڻي کي گهر سمجهندو آهيان، ان موقعي
تي هن ڊسٽرڪٽ بار پاران کيس شاندار آجياڻو ڏيڻ تي صدر اياز
سومري ۽ ميمبرن جو ٿورو مڃيو، هن بار ايسوسيئيشن لاءِ 5 لک
رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هوڏانهن چيف جسٽس جي آمد خلاف سنڌ هاءِ
ڪورٽ بارايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ايڪشن ڪاميٽي
جي سڏ تي وڪيلن جي هڪ گروپ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ خاڪسار
تحريڪ، فرنٽ، ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن
شرڪت ڪئي، مظاهرو ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جي عمارت ۾ ڪيو ويو، ان
موقعي تي هنن نعريبازي ڪئي، بعد ۾ مظاهرو ڪندڙ سيشن ڪورٽ جي
بلڊنگ کان ٻاهر نڪري وي آءِ پي روڊ تي پهتا ته پوليس جلوس کي
اڳتي وڌڻ کان روڪيو، ان موقعي تي هاءِ ڪورٽ بارايسوسيئيشن جي
صدر احمد علي شيخ، نواز ليگ جي ضلعي صدر بابو سرفراز جتوئي،
خاڪسار تحريڪ جي صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر صبيحه ارشد مغل ۽ ٻين چيو
ته هن ملڪ جو عوام ۽ وڪيل پي سي او ججن کي ڪڏهن به قبول نه
ڪندا، اسان جي هي تحريڪ جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ ٻين معطل ججن
جي بحالي تائين جاري رهندي، هوڏانهن نواز ليگ جي ڪارڪنن پڻ الڳ
احتجاجي جلوس ڪڍي جناح باغ چوڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن
کي باهيون ڏنيون، بعد ۾ سيشن ڪورٽ جي بلڊنگ اڳيان احتجاجي
مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
|