اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

صدارتي چونڊ:آصف ،سعيد الزمان ۽ مشاهد سميت  22 کان وڌيڪ اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو رپورٽ) حڪومتي اتحاد پاران پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سينيٽر مشاهد حسين سيد  سميت 32 صدارتي اميدوارن جا نامزدگي فارم داخل، مقابلو ٽن سياسي جماعتن جي  اميدوارن آصف علي زرداري، جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي ۽ سينيٽر  مشاهد حسين سيد وچ ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن، نامزدگي فارمن  جي ڇنڊ  ڇاڻ  28 آگسٽ تي ٿيندي.پيرائتي خبر موجب 6 سيپٽمبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊ اسلام اباد جي اليڪشن ڪميشن هيڊ آفيس ۾ 10 اميدوارن جا صدارتي اميدوار طور نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا. ڪالهه پ پ جي اڳواڻن سيد خورشيد شاهه.،فاروق ايڇ نائيڪ،شيري رحمان ۽ ٻين  چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ قاضي محمد فاروق وٽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارتي اميدوار طور 14 نامزدگي فارم جمع ڪرايا. جنهن جي متبادل اميدوار طور ايم اين اي فريال ٽالپر جا 2 نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارتي اميدوار طور نامزدگي ڪندڙن توڙي توثيق ڪندڙن  ۾ اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي سميت جي يو آءِ جي وفاقي وزير رحمت الله ڪاڪڙ ۽  مفتي اجمل سميت ايم ڪيو ايم جو حيدر عباس رضوي، آزاد سينيٽر وقار احمد خان، مير اسرار الله خان ، مخدوم امين فهيم، ايم ڪيو ايم جو ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻيا پ پ جا اڳواڻ شامل آهن، جڏهن ته آصف علي  زرداري جي متبادل اميدوار طورسندس ڀيڻ ايم  اين اي فريال ٽالپر جا 2   نامزدگي فارم جمع ڪرايا  ويا،جنهن جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙن ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه، شگفته جماڻي،اعجاز  حسين جکراڻي ۽ رفيق احمد جمالي شامل آهن. پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي صدارتي اميدوار سينيٽر مشاهد حسين سيد پنهنجي پارٽي  قيادت سان اليڪشن ڪميشن آفيس پهچي 5 نامزدگي فارم داخل ڪرايا ، جنهن جي متبادل اميدوار طور ڪنهن به اميدوار جا نامزدگي فارم داخل نه ڪرايا ويا آهن. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدارتي اميدوار جسٽس  رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جا  نامزد گي فارم  پارٽي  جي اڳواڻ چوڌري نثار علي، اقبال ظفر جهڳڙا ۽ ٻين جمع ڪرايا، صدارتي اميدوار جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي  جا 5 نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته سندس متبادل اميدوار طور رٽائرڊ ڪاموري روئيداد خان  جا 4 نامزدگي فارم داخل ڪرايا ويا آهن، صدارتي اميدوار طور چيف اليڪشن ڪمشنر وٽ نامزدگي فارم جمع  ڪرائيندڙ اميدوارن ۾ ڪلثوم صبا، وحيد احمد ڪمال، رائو جاويد علي خان، مهر محمد رمضان ۽ منظور احمد ڀٽي شامل آهن.صدارتي اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ  28 آگسٽ تي ٿيندي. 30 آگسٽ تي اميدوار هٿ کڻي  سگهندا ۽ ساڳئي ڏينهن تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي ۽ چونڊ 6 سيپٽمبر تي ٿيندي.اسلام آباد ۾ 10 اميدوارن نامزدگي فارم داخل ڪرايا آهن.صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ واري آخري ڏينهن تي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سميت 9 اميدوارن 17 نامزدگي فارم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عزيز الله ميمڻ وٽ جمع ڪرايا آهن، مليل تفصيلن موجب ڪالهه صبح جو ساڍي يارهين وڳي ڌاري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير پير مظهر الحق، قانون ۽ پارلياماني معاملن جي وزير اياز سومرو، مخدوم جميل الزمان، گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، مير نادر مگسي، مڪاني ادارن واري کاتي جي  آغا سراج دراني، منظور وساڻ، سيد مراد علي شاهه،  سڌسماءُ جي وزير شازيه عطا مري، ڄام مهتاب ڏهر ،ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، سسئي پليجو،  ايم پي اي غلام سرور سيال، غلام مجدد اسراڻ، حاجي منور عباسي، غلام قادر چانڊيو، ڪلثوم چانڊيو ، صوبائي وزير اختر جدون، امير نواب ۽ ٻيا صوبائي وزير توڙي ايم پي ايز جلوس جي شڪل ۾ آصف علي زرداري جا نامزدگي فارم کڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتا ته کين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سيد جميل رضا زيدي جي آفيس ۾ ويهاريو ويو، جتي انهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت آصف علي زرداري جا نامزدگي فارم صوبائي اليڪشن ڪمشنر قمر الزمان چوڌري کي پيش ڪيا. ان موقعي تي پ پ وفد کان اڳ ئي عدالت ۾ موجود متحده سان تعلق رکندڙ سيد سردار احمد، شعيب بخاري، فيصل سبزواري، رئوف صديقي ۽ ٻيا پڻ رجسٽرار آفيس پهچي ويا،وقتي  چيف جسٽس سمورن اميدوارن جي نامزدگي فارمن کي کليل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي سنڌ جو وڏي وزير  سيد قائم علي شاهه سميت سمورا اڳواڻ نامزدگي فارم کڻي چيف جسٽس جي کليل عدالت ۾ پيش ٿيا. جنهن کان پوءِ وقتي چيف جسٽس عزيز الله ميمڻ عدالت ۾ آيو ته سيد قائم علي شاهه، پير مظهر الحق، قانون جي صوبائي وزير  اياز سومرو ۽ ٻين آصف علي زرداري جا نامزدگي فارم پيش ڪيا. پيپلز پارٽي پاران صدارتي چونڊن لاءِ آصف علي زرداري جا 7 نامزدگي فارم پيش ڪيا ويا، جن مان پهرين فارم ۾ سندس نالو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران تجويز ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ٻين نامزدگي فارمن ۾ پير مظهر الحق، اياز سومرو ۽ ٻين ايم پي ايز پاران کيس تجويز ۽ تائيد ڪئي وئي، جن مان هڪ نامزدگي فارم ۾  عورت ۽ اقليتي ايم پي ايز پاران آصف علي زرداري کي تجويز ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت هڪ نامزدگي فارم ۾ ايم ڪيو ايم جي شعيب بخاري ۽ فيصل سبزواري ۽ ٻئي فارم ۾ ايم ڪيو ايم جي  ڊاڪٽر صغير انصاري پاران آصف علي زرداري جو نالو تجويز ڪيو ويو آهي. اي اين پي جي امير نواب پڻ هڪ نامزدگي فارم ۾ آصف علي زرداري جو نالو صدر طور تجويز ڪيو.سنڌ جي قائم مقام چيف جسٽس عزيز الله ايم ميمڻ  ڄاڻايل نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ 28 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪندي سمورن اميدوارن کي چيف اليڪشن ڪمشنر آڏو اسلام آباد ۾ سندن تجويز ۽ تائيد ڪندڙن سان گڏ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن تي سنڌ ۾ آصف علي زرداري کانسواءِ 8 ٻين روايتي اميدوارن پڻ نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن جن ۾ ايڊووڪيٽ شڪيل احمد خان، سخاوت علي، ڊاڪٽر ميان احسان باري، امير علي پٽي والا، مرزا آصف بيگ، فقير احمد انصاري، سيد امتياز حسين ۽ محمد اعجاز عالم شامل هئا.ڄاڻايل 8 اميدوارن مان ڪنهن به ايم پي اي، ايم اين اي يا سينيٽر کي تجويز ۽ تائيد ڪندڙ نه ڄاڻايو آهي.ڄاڻايل اميدوارن ۾ اهڙا اميدوار پڻ شامل آهن جيڪي ماضي ۾ به صدر توڙي سينيٽ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندا رهيا آهن.