اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

پسند جو پرڻو ڪندڙ شڪارپور واسڻ پاران تحفظ لاءِ عدالت ۾درخواست داخل

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پسند جو پرڻو ڪندڙ شڪارپور جي رهواسڻ ناري سائره جتوئي تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن کي ترت ئي ڊويزن بئنچ آڏو ٻڌڻي لاءِ پيش ڪيو ويندو. اهڙي درخواست ڪالهه هڪ اين جي او ۽ سائره جتوئي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار سميت سنڌ جي انساني حقن واري سيڪريٽري، گهرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، سي سي پي او، ڊي آءِ جي سکر، ڊي پي او سکر ۽ ايس ايڇ اوز کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته  شڪارپور جي رهواسڻ سائره جتوئي گذريل سال 15 جون 2007ع تي اسماعيل سومرو سان پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن تي سندس برادري جي ماڻهن کين تلاش ڪيو پر اهي هٿ نه آيا ته جولاءِ 2007ع ۾ سردار عابد جتوئي جي سربراهي ۾ ٿيل جرڳي کين ڪاروڪاري قرار ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ نوجوان اسماعيل سومري جي سئوٽ ڊاڪٽر جاويد سومرو ۽ سندس گهرواري صائمه کي اغوا ڪيو ويو جن جي آزادي لاءِ ڊي آءِ جي سکر  بشير ميمڻ، سردار عابد جتوئي سان رابطو ڪري کيس مغوي آزاد ڪرڻ لاءِ چيو پر ان کين آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر بعد ۾ اهي آزاد ٿيا ۽ ان کانپوءِ سردار عابد جتوئي ۽ جنيد سومرو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس  پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري سائره جتوئي ۽ اسماعيل سومرو کي بازياب ڪرائي ڪراچي منتقل ڪيو آهي، جتي سندن حياتي کي سخت خطرو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي سائره جتوئي، سندس مڙس اسماعيل سومرو ۽ ٻين جي تحفظ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ سردار عابد جتوئي کان  سندن تحفظ لاءِ ضمانت ورتي وڃي. ياد رهي ته ايم پي اي عابد حسين جتوئي ۽ جنيد احمد سومرو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي آهي.