دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

بش اڄ آمريڪا-ڀارت ائٽمي ٺاهه تي صحيح ڪندو؛وائيٽ هائوس

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش آمريڪا ڀارت سول ائٽمي ٺاهه تي اڄ صحيح ڪندو، جڏهن ته بش انتظاميا ٻنهي ملڪن طرفان ٺاهه تي باضابطه صحيح جي ٽائم فريم بابت غير يقيني جو شڪار آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب وائٽ هائوس طرفان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪانگريس ۽ سينيٽ مان منظوري کانپوءِ صدر بش آمريڪا ڀارت ائٽمي ٺاهه تي اڄ صحيح ڪندو، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ڊپٽي ترجمان رابرٽ ووڊ چيو آهي ته ان باري ۾ حتمي ڪجهه نٿو چئي سگهجي ته ڀارت ۽ آمريڪا معاهدي تي بش ڪڏهن صحيح نه ڪندو.