ميران شاهه(اي ايف پي) |
|
ايراني صدر آمريڪي صدارتي اميدوارن کي مناظري جو چئلينج ڪري ڇڏيو ڪوالالمپور (اي پي پي) ايراني صدر محمود احمدي نجاد آمريڪي صدارتي اميدوارن کي ميڊيا تي مناظري جو چئلينج ڏنو آهي. گذريل ڏينهن هتي ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايراني صدر چيو ته هو ميڊيا سامهون سمورن آمريڪي صدارتي اميدوارن سان مناظري لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ هن آمريڪي صدر بش کي پڻ گڏيل قومن ۾ مناظري جو چئلينج ڏنو هو. هن چيو ته خطي ۾ اعتماد سازي لاءِ ايندڙ آمريڪي حڪومت ۾ بنيادي تبديلي اڻٽر آهي. ايراني صدر چيو ته وچ اوڀر ۽ دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ سڀني کان وڏو خطرو آمريڪي مداخلت آهي. سڄي دنيا ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏا ختم ڪرڻ گهرجن، هن عالمي طاقتن کي چيو ته اهي ايران خلاف اڳرائي وارين ڪاررواين کان پاسو ڪن. هن چيو ته انصاف، امن ۽ دوستي اسان سڀني جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته آمريڪا عراق مان نڪري وڃي ۽ عراق ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عوام کي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏئي. هن چيو ته ايران پنهنجو ائٽمي پروگرام جاري رکندو، اسان ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا پر اهو سڀ ڪجهه قانون ۽ انصاف جي دائري اندر رهندي ٿيڻ گهرجي. |