|
ماسڪ پاتل طالبان القاعده جو نئون روپ
آهن:رحمان ملڪ
پشاور
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهرو صلاحڪار رحمان ملڪ چيو آهي ته قبائلي
علائقي ۾ عسڪريت پسندن سان نه معاهدا ڪيا آهن ۽ نه ئي ڪنداسين،
سرحد ۾ صورتحال بهتر ٿيڻ تائين دهشتگردي خلاف جنگ ختم نه ڪئي
ويندي، رحمان ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ماسڪ پاتل
طالبان القاعده جو نئون روپ آهن، سرحد پار کان ماڻهو بيت الله
محسود کي مدد فراهم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڳالهيون رڳو انهن
سان ٿي رهيون آهن، جيڪي امن چاهين ٿا.
|