قاضي حسين صدارتي چونڊ ۾ سعيد الزمان صديقي جي حمايت ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (اي پي پي) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير قاضي حسين احمد مسلم ليگ (ن) جي صدارتي اميدوار جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي کي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته سندس پارٽي جا سينيٽ جا ميمبر صدارتي چونڊن ۾ کيس ووٽ ڏيندا. جماعت اسلامي جي ذريعن مطابق جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جماعت اسلامي جي امير قاضي حسين احمد کي فون ڪري صدارتي چونڊن ۾ حمايت لاءِ درخواست ڪئي، جنهن تي قاضي حسين احمد کيس آگاهه ڪيو ته سندس پارٽي اڳ ئي سندس غيرمشروط حمايت جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ سينيٽ ۾ جماعت اسلامي سان واسطو رکندڙ ميمبر جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي کي ووٽ ڏيندا.