|
گورنر ۽ سٽي ناظم جي لنڊن ۾
الطاف سان ملاقات: اسٽريٽ ڪرائيم سميت وڌندڙ ڏوهن کي روڪيو
وڃي:الطاف
ڪراچي
(بيورو رپورٽ)سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ ڪراچي جي سٽي
ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سان
لنڊن ۾ ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه ڪراچي ۾
بهتر ڪم ڪرڻ تي سٽي ناظم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، ايم ڪيو
ايم مرڪز نائن زيرو تان جاري ٿيل بيان موجب گذريل ڏينهن لنڊن
سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سان سنڌ جي
گورنر ۽ سٽي ناظم ڪراچي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گورنر پنهنجي
سربراهه کي ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال کان آگاهي ڏني،
جڏهن ته سنڌ جي اتحادي حڪومت سان هلندڙ لاڳاپن بابت کيس تفصيلي
ڄاڻ ڏني، الطاف حسين گورنر ۽ سٽي ناظم سان ڳالهائيندي چيو ته
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ اندر اسٽريٽ ڪرائيم، ڀنگ لاءِ
اغوا ۽ وڌندڙ ڏوهن کي روڪيو وڃي ۽ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ
بهتر ڪيو وڃي جيئن واپارين ۽ سيڙپڪارن ۾ تحفظ جو احساس پيدا
ٿئي.
|