اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
نئين صدر جي چونڊ جو شيڊيول ٻن ٽن ڏينهن ۾ جاري ڪنداسين:اليڪشن ڪميشن اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪندي، ان ڏس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور محمد دلشاد ٻڌايو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فهميده مرزا طرفان صدر پرويز مشرف جي استعيفا ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن اڱاري جي صبح جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملي ويو آهي، هو هاڻ نئين صدر جي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪندو، هن ٻڌايو ته نئين صدر جي چونڊ آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت 30 ڏينهن جي اندر ٿيڻ ضروري آهي، چئني صوبائي اسيمبلين سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر صدر مملڪت جا اليڪٽورل ڪاليج آهن، هن ٻڌايو ته صدارتي چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿيندي.
|