اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
رپئي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو اسلام آباد (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مقابلي ۾رپئي جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي، ڊالر رپئي کي لڳاتار پوئتي ڪندي 78جي رڪارڊ ترين سطح کان وڌي ويو آهي، هلندڙ سال جي شروعات کان وٺي رپئي جي قيمت ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، اسٽيٽ بئنڪ وٽ صرف 2 مهينن جي درآمد لاءِ پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته مالي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ناقابل برداشت، جڏهن ته مهانگائي ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي، اسٽينڊرڊ اينڊ پورز پاڪستان جي ساورين ڪريڊٽ ريٽنگ گهٽائي ڇڏي آهي، جيڪا ڏيوالي جي سطح کان ٿوري مٿي آهي، سنگاپور ۾ آءِ اين بي بئنڪ جي اڪانامسٽ ٽم ڪونڊن چيو آهي ته پاڪستاني عملدارن کي فوري طور اهو ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اهي ادائگين ۾ توازن جي مالي گيپ کي پورو ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا، پاڪستان جي امير دوست ملڪن آمريڪا ۽ سعودي عرب سان وابسته آهي ته ڇا ڇهن مهينن جي جمهوري حڪومت کي ڪامياب ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين ملڪ کي انتشار طرف وڌڻ کان روڪي سگهن ٿا، آمريڪي مالياتي فرم جي عهديدار ٻڌايو ته صرف اها ئي شيءِ پاڪستان کي بچائي سگهي ٿي، 27 سيپٽمبر تي ختم ٿيندڙ هفتي۾ 8.13 بلين ڊالرن جي پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 690 ملين ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، درآمدي بلن جي ادائگي جي مستقل دٻاءَ جي ڪري حڪومت مرڪزي بئنڪ کان قرض وٺڻ تي مجبور ٿي آهي، پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال ۾ حڪومت طرفان اسٽيٽ بئنڪ کان قرض وٺڻ جي شرح 100 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.، ان عرصي ۾ حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کان 2.21 ڊالرن جي رقم ورتي، پاڪستاني بئنڪرن سرمائي جي ان مسلسل گهٽتائي کي روڪڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان هنگامي اپائن جو مطالبو ڪيو آهي. |