اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
گئس پيدا ڪندڙ 12 ڪمپنين جي اگهن ۾ پهرين جولاءِ کان 35 سيڪڙو واڌ جي منظوري اسلام آباد (رپورٽ:قربان بلوچ) اوگرا پهرين جولاءِ کان 12 گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي گئس قيمتن ۾ 35 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اٿارٽي گذريل 6 مهينن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ڪروڊ ۽ فرنيس آئل جي قيمتن ۾ واڌ جي بنياد تي گئس پيدا ڪندڙ 12 ڪمپنين جي ويل هيڊ گئس قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني آهي، ذريعن مطابق اوگرا وڌيڪ ٻين گئس ڪمپنين جي گئس قيمتن ۾ واڌ واري عمل تي ڪم ڪري رهي آهي، ذريعن مطابق اوگرا عالمي مارڪيٽ ۾ تيل قيمتن ۾ وڏي سطح تي واڌ جي بنياد تي گئس پيدا ڪندڙ ڪمپني جي گئس قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني آهي، ڇو ته اوگرا حڪومت پاران گئس ڪمپنين سان ڪيل معاهدن جي بنياد تي گئس قيمتن ۾ واڌ لاءِ پابند هئي، ذريعن مطابق گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي گئس قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ سئي سدرن ۽ سئي ناردرن پاران صارفين لاءِ گئس قيمتن ۾ واڌ لاءِ درخواستون داخل ڪيون وينديون، جن ۾ 31 ڊسمبر کان قيمتن ۾ واڌ جي درخواست ڪئي ويندي، اوگرا سئي فيلڊ جي گئس قيمتن ۾ 34.86 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ فيلڊ جي في يونٽ قيمت 107.47 رپين مان وڌي 144.93 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته پي پي ايل جي اثاثي ڪندن واري گئس فيلڊ جي قيمت ۾ 24.37 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جي في يونٽ قيمت 9.4 ڊالر مان وڌي 11.7 ڊالر ٿي وئي آهي، جڏهن ته 7 گئس فيلڊن سنڌ جي ڀٽ، سوان ۽ مياڻو، پنجاب جي پري والي پنڊوري، ترڪوال ۽ ڀڌرا گئس فيلڊن جي قيمتن ۾ 16.75 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جن جي في يونٽ قيمت 3.8 ڊالر کان وڌي 4.47 ڊالر ٿي وئي آهي، اهڙي طرح سارا گئس فيلڊ جي قيمت ۾ 11.6 سيڪڙو، اڌي گئس فيلڊ جي في يونٽ قيمت ۾ 11.2 سيڪڙو، جڏهن ته ميال گئس فيلڊ جي في يونٽ قيمت ۾ 10.36 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. |