|
ججن کي بحال ڪنداسين،اعتزاز کي
غلط بيان نه ڏيڻ گهرجن:نائيڪ
اسلام
آباد (بيورو رپورٽ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير فاروق ايڇ
نائيڪ چيو آهي ته پ پ ججن جي بحاليءِ لاءِ ڪيل واعدي تي قائم
آهي، ان لاءِ اعتزاز احسن کي غلط بيان نه ڏيڻ گهرجن، ڪالهه
هتي قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن
چيو ته آئيني پيڪيج تي مشاورت جاري آهي، ان تي اتحادي
پارٽيون جيستائين پنهنجا رايا نه ڏينديون اهو مڪمل نه
هوندو، هن چيو ته آئيني پيڪيج ڪو حتمي مسودو ناهي جو ان کي
فوري طور پارليامينٽ ۾ پيش ڪريون، ان مسودي تي اتحادي
پارٽيون گڏ ويهنديون ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ ڪو قدم
کڻنداسين، هن چيو ته مسودي تي آئيني ڪاميٽي ن ليگ جوڙي ڇڏي
آهي، اسان انهن جي تجويز جو انتظار ڪري رهيا آهيون. |