|
وفاقي ڪابينا ۾ ڦير ڦار ۽ واڌ بابت مشاورت مڪمل، امين فهيم کي سينيئر وزير جي آڇ، شوڪت ترين ناڻي بابت صلاحڪار مقرر اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ۽ وزيراعظم سميت حڪومت طرفان وفاقي ڪابينا ۾ توسيع ۽ موجوده ڪجهه وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي بابت مشاورت مڪمل، مخدوم امين فهيم کي سينيئر وزير، شوڪت ترين کي ناڻي بابت وزيرا عظم جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ سميت ڪابينا ۾ پ پ، اتحادين ۽ ايم ڪيو ايم جا 15 کان 20 نوان وزير شامل ٿيڻ جا امڪان، عمل ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ ٿيندو، حڪومتي ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا ۾ 15 کان 20 نوان وزير شامل ڪرڻ سميت ڪجهه موجوده ڪابينا ميمبرن جي وزارتن ۾ تبديلي جا امڪان آهن، ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ نون وزيرن ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جو انگ 12 جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن کانسواءِ حڪومت اتحادي اي اين پي، جي يو آءِ (ف) توڙي ايم ڪيو ايم کي پڻ نمائندگي ڏني ويندي، ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا ۾ پ پ جي شامل ٿيندڙ امڪاني وزيرن ۾ پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين مخدوم امين فهيم کي سينيئر وزير ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، جنهن ڪالهه وزيراعظم سان ملاقات دوران ڏنل آڇ جو سوچي جواب ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ذريعن مطابق ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ متوقع وزيرن ۾ آصف احمد علي، قيوم جتوئي، تسنيم قريشي، نواب شير وحيد، اعجاز جکراڻي، رفيق احمد جمالي شامل آهن، جڏهن ته مملڪتي وزيرن ۾ شگفته جماڻي، نبيل گبول، فرزانه راجا، ارباب عالمگير، سينيٽر وقار ۽ شاهد ڀٽو جا نالا ورتا پيا وڃن، حڪومتي ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا ۾ اي اين پي ۽ جي يو آءِ (ف) جي هڪ يا ٻن ٻن وزيرن جي شامل ٿيڻ جا امڪان آهن، وفاقي ڪابينا ۾ متوقع شامل ٿيندڙن ۾ عبدالمتين ۽ ارباب طاهر شامل آهن، پارٽي جو ڪو هڪ ماڻهو شامل ٿيڻ جي صورت ۾ ٻن مان ڪنهن هڪ کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي متوقع وزيرن ۾ مولانا عطاءُالرحمان ۽ مولانا قاسم جا نالا ورتا پيا وڃن، ذريعن مطابق ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙن مان3 يا 4 وزير شامل ٿي سگهن ٿا، جن ۾ حيدر عباس رضوي، خوش بخت شجاعت ۽ وسيم اختر جا نالا ورتا پيا وڃن، وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ بابت مسلم ليگ فنڪشنل جي ذريعن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه پير پاڳاري سان رابطو ڪري امن امان بابت پارليامينٽ جي اڄ ٿيندڙ ان ڪئميرا سيشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، پر ڪابينا ۾ نمائندگي جي حوالي سان في الحال ڪا ڳالهه ناهي ٿي، جماعت پ پ پاران باضابطا آڇ ۽ نمائندگي جي انگ بابت وضاحت کانپوءِ ڪو فيصلو ڪندي، ذريعن مطابق ڪابينا ۾ توسيع سان گڏ ڪابينا جي موجوده ميمبرن جي کاتن ۾ پڻ تبديلي متوقع آهي جنهن ۾ سيد خورشيد شاهه کي پورهئي ۽ افرادي قوت واري وفاقي وزارت جي جاءِ تي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي ۽ پ پ جي سينيئر وائيس چيئرمين مخدوم امين فهيم پاران سينيئر وزير ٿيڻ واري آڇ نه قبولڻ جي صورت ۾ خورشيد شاهه کي سينيئر وزير جو عهدو ملڻ جو امڪان پڻ آهي، ذريعن مطابق ڪشمير بابت وفاقي وزير قمر زمان قائره کي تعليم واري وزارت ڏيڻ سان گڏ نجم الدين خان جي وزارت ۾ پڻ تبديلي جو امڪان آهي، جنهن کانسواءِ ناڻي واري وفاقي وزير سيد نويد قمر کان اضافي چارج واپس وٺي شوڪت ترين کي ناڻي بابت وزير اعظم جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ ۽ سيد نويد قمر کي واپار واري وزارت ڏيڻ يا کيس اصل مليل وزارت نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وزارت جي ذميواري سنڀالڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق جيتوڻيڪ وفاقي ڪابينا ۾ اڄ توسيع جو امڪان هو پر مخدوم امين فهيم کي سوچڻ لاءِ وقت ڏيڻ توڙي اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم سان مامرا فائنل ڪرڻ لاءِ ان ۾ ڏينهن ٻن لاءِ تاخير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪابينا ۾ توسيع بابت سڌ سماءُ جي وفاقي وزير شيري رحمان پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪابينا ۾ توسيع بابت مشاورت جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، ڪابينا ۾ توسيع بابت وزيراعظم ڪجهه ڏينهن ۾ اعلان ڪندو، ڪابينا ۾ متوقع شامل ٿيندڙ هڪ ميمبر مطابق اسان کي چيو ويو آهي ته ڪابينا ۾ واڌ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم جو پ پ سان وزارتن جي قلمدان واري معاملي تي اختلاف آهن.
|