سنڌ جا تاريخي ماڳ قانوني ترميم ڪرڻ بنا اسان جي حوالي ڪيا وڃن:سنڌ سرڪار جو وفاق کان مطالبو

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جا قديم تاريخي ماڳ ڪنهن قانون ۾ ترميم ڪرڻ کانسواءِ اسان جي حوالي ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته پنجاب کي اڳ ئي ان جا تاريخي ماڳ واپس ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف ايم پي ايز طرفان پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ جا قديم ماڳ وفاق کان واپس وٺڻ لاءِ لکپڙهه وارو عمل جاري آهي، جڏهن ته 1973ع وارو آئين اصل حالت ۾ بحال ٿي ويو، سنڌ جا قديمي ماڳ پاڻ ئي سنڌ سرڪار وٽ واپس اچي ويندا. سسئي پليجو چيو ته ظفرالله جمالي واري حڪومتي دور ۾ پنجاب صوبي کي بنا ڪنهن قانون ۾ ترميم ڪرڻ جي قديمي ماڳ حوالي ڪيا ويا ته پوءِ اسان کي به پنهنجا ماڳ ملڻ گهرجن، سسئي پليجو ايوان کي ٻڌايو ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخي ماڳن جو ڪيس تفصيل ۾ تيار ڪيو آهي، مخالف ڌر جي عارف مصطفى جتوئي پاران پڇيل ان سوال ته گورک هل اسٽيشن تي بجلي، پاڻي ۽ روڊن جون سهولتون موجود هجڻ جي باوجود سنڌ سرڪار هڪ ارب رپيا ڪٿي خرچ ڪندي جي جواب ۾ سسئي پليجو چيو ته اڳ ۾ گورک هل تي فقط بجلي پهتي آهي اسان گورک هل اسٽيشن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ مختلف ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنين سان ڳالهيون به هلن پيون، گورک هل وارو علائقو جتي چئن ضلعن جو ميلاپ ٿئي ٿو ۽ علائقي کي اسان تمام وڏي ترقي ڪرائينداسين، پ پ ايم پي اي منور عباسي پاران پڇيل سوال ته گورک هل اسٽيشن تي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ٿيل خرچن بابت ڪا جاچ ٿي رهي آهي جي جواب ۾ ثقافت واري وزير چيو ته اسان کي حڪومت ۾ آئي اڃا ايترو وقت نه ٿيو آهي ۽ ڄاڻايل معاملي بابت سنڌ جي وڏي وزير سان به ڪا گڏجاڻي نه ٿي سگهي، جڏهن ته تازو سنڌ جي وڏي وزير سان هڪ گڏجاڻي ٿي آهي ۽ هاڻ اسين گورک هل اسٽيشن تي اڳوڻي حڪومت پاران ڪيل خرچن جي جاچ ڪرائينداسين ۽ ان بابت هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي رهيا آهيون، هن چيو ته خداآباد واري مسجد، مڪلي يا موهن جو دڙو هجي اهي سمورا ماڳ وفاق وٽ آهن پر اسان زبردستي وفاقي کاتي جي اختيارن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ماڳ بچائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، عارف مصطفى جتوئي جي ٻئي سوال ته سنڌ جي قديمي ماڳن تان نوادرات جي ٿيل چوري ۾ڪا اڳڀرائي ٿي آهي جي جواب ۾ سسئي پليجو چيو ته ڀنڀور، مڪلي ۽ موهن جو دڙو سميت مختلف ماڳن تان چوريون ضرور ٿيون آهن پر اهي چوريون گذريل حڪومت ۾ ٿيون جنهن حڪومت جو توهان پڻ حصو هئا ۽ اسين ٿيل چورين بابت تحقيات ڪرايون پيا، سرڪار ڌر جي انور مهر جي سوال ته خداآباد مسجد جيڪا ڪلهوڙن جي دور جي عظيم شاهڪار آهي کي بچائڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا آهن جي جواب ۾ ثقافت واري وزير چيو ته ڪلهوڙن جو درو سنڌ لاءِ شاندار آهي، علمي ۽ ادبي حوالي سان ڪلهوڙون جو دور شاهڪار دور رهيو آهي، انهي دور ۾ شاهه لطيف جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا هئا جيڪي عالمي سطح تي نالو بڻيل آهن، خداآباد ان وقت تخت گاهه رهيو آهي، هن وقت اها مسجد وفاق وٽ آهي پر ان هوندي به سنڌ حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا رکيو آهي ۽ خداآباد ۾ جلد ڪم شروع ڪرايو ويندو، ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پٿوري جي رهواسي خوشحال داس پاران ٺاهيل شهيد بينظير مجسمي ۽ سندس ٻين مجسمن جي نمائش ڪرائي ويندي، جنهن تي اسپيڪر نثار کهڙي چيو ته اسين خوشحال داس پاران جوڙيل شهيد بينظير جو مجسمو سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ ۾ رکرائينداسين، سڌ سماءُ واري وزير شازيه مري  چيو ته خوشحال داس جي خواهش آهي ته شهيد بينظير جو ٺاهيل مجسمو محترمه جي ٻارن کي گفٽ ڪري ۽ اسين چاهينداسين ته اهو مجسمو بلاول هائوس ۾ رکرايون ۽ جلد ان تي عمل ڪيو ويندو.