ڊاڪٽر قدير اڃا نظربند آهي،سيڪيورٽي جي نالي تي بدتميزي ڪئي پئي وڃي:سندس گهرواري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير اقبال جعفري کي پنهنجو باقاعده وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اقبال جعفري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير جي گهرواري جي درخواست سان گڏ پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرايو آهي، ڊاڪٽر عبدالقدير جي گهرواري ڪورٽ کي ڏنل درخواست ۾ چيو آهي ته منهنجو مڙس لاڳيتو نظربند آهي، کيس ڪنهن سان به ملاقات جي اجازت ڪونهي، ڇا اسان دهشتگرد آهيون جو سيڪيورٽي جي بهاني اسان سان اهڙو رويو رکيو ٿو وڃي، سيڪيورٽي جي نالي ۾ اسان سان بدتميزي ڪئي وڃي ٿي، ڊاڪٽر قدير جي ڌيءُ جو گهر ڀر ۾ آهي پر کيس به ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي، هن پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته حڪومت هڪ ڀيرو به ڊاڪٽر قدير جي نظربندي ختم نه ڪئي آهي پر ميڊيا تي اها خبر ڏسي افسوس ٿيو ته ڊاڪٽر قدير جي نظربندي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي، اٽارني جنرل جو موقف غلط آهي، ڊاڪٽر قدير جي ملاقات ته ڇا پر کيس فون جي به سهولت ڪونهي، سندس موبائيل فون سيڪيورٽي اهلڪارن ضبط ڪيو آهي، اسان کان به فون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان مزاحمت ڪئي، هن چيو ته آئون هالينڊ جي شهري آهيان، جيڪڏهن اتي اٽارني جنرل غلط بياني ڪري ته کيس استعيفا ڏيڻي پئجي وڃي ها، ڊاڪٽر قدير کي گهرجي دروازي تائين وڃڻ جي اجازت ڪونهي، هو دوستن سان نه ملي سگهي ٿو نه ئي ڳالهائي سگهي ٿو، اسان جا فون ٽيپ ڪيا وڃن ٿا، هن پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر قدير کي تحفظ ڏنو وڃي ته عدالت ۾ اچي سگهي ٿو.