آصف ۽ نواز سمورين تيارين باوجود ميڊيا کي بريفنگ نه ڏني

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ملاقات کانپوءِ ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته ٻئي اڳواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا، جنهن کانپوءِ اتي بريفنگ لاءِ بندوبست ڪيو ويو ۽ ٻنهي اڳواڻن جي لاءِ ڪرسيون پڻ لڳايون ويون، ميڊيا  جا ماڻهو پڻ ان سلسلي ۾ تيار ٿي پهتا پر پوءِ ميڊيا کي ٻنهي اڳواڻن بريفنگ نه ڏني ۽ ميان نواز شريف ميڊيا کي بريفنگ ڏيڻ کانسواءِ واپس هليو ويو.